ڇوڪريون مڱيندي کي به ذاتي وڊيوز نه موڪلين: مشي خان

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مشي خان عورتن جون نازيبا وڊيوز ليڪ ڪندڙن خلاف آواز اٿاري ڇڏيو.
مشي خان انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪجهه عرصي کان ملڪ ۾ خوفناڪ ٽرينڊ هلي پيو آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري، ٽڪ ٽاڪر يا سوشل ميڊيا اسٽار جون نامناسب وڊيوز ليڪ ٿي وينديون آهن، اهي ڪير آهن، جيڪي ڪنهن جي زندگي برباد ڪري ڇڏيندا آهن؟
هن چيو ته اڄڪلهه دور ڏاڍو خراب آهي، ڇوڪريون ڪنهن تي به يقين نه ڪن ۽ جذبن ۾ اچي اهڙي قسم جون وڊيوز نه موڪلين، عورتن پنهنجي مڱيندي کي به ذاتي وڊيوز يا تصويرون نه موڪلين، ڪنهن کي به خوش ڪرڻ لاءِ ائين نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اهڙيون وڊيوز هٿ اچڻ کانپوءِ ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي ۽ اهي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن.
مشي خان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙيون وڊيوز وائرل ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي.

نومبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو