حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ اهم اعزاز ماڻي ورتو
سڊني (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ اهم اعزاز ماڻي ورتو.
حارث رئوف آسٽريليا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا، جنهن کانپوءِ هن پاڪستان طرفان ان فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو شاداب خان جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
حارث رئوف 72 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 107 شڪار ڪيا آهن، جڏهن ته ليگ اسپنر شاداب خان 96 ميچن ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.