برادري جي بااثر ۽ پ پ اڳواڻ اسان جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي: واحد پيرزادو

Spread the love

قاضي احمد (رپورٽر) حملي آورن جي گرفتاري لاءِ  ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد آصف علي شاھ جيلاني جي ميڊيا ٽرائل ڪرڻ خلاف درگاھ پير شھمير جي رھواسين پير واحد پيرزادو پنهنجي پٽن معشوف پيرزادو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب قاضي احمد پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي برادري جي بااثر ۽ پيپلزپارٽي تعلقي نائب صدر پير فيض محمد پيرزادو ڪيتري ئي عرصي کان اسان جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي ان جي ظلمن کان تنگ ٿي اسان ڳوٺ ڇڏي وڃي

 نواب شاھ ۽ ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي آهي پر زرعي زمين ڳوٺ ھئڻ سبب اسان احو ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي گذريل 6 تاريخ منهنجو پٽ معشوق پيرزادو پنهنجي ڳوٺ واري زمين تي ويو ته اسان جي مخالف پير فيض کي خبر پئي جنهن پنهنجي پٽن ۽ ڀائٽين عرفان مظھر شوڪت جي ايم شاھنواز پيرزادو کي چيو ته معشوق زمين تي آيو آهي

جنهن کي ختم ڪري ڇڏيو تنهن کان پوء  سندس پٽن ۽ ڀائٽين حملو ڪري  سندس کان الٽو سلور ڪلر جي ڪار ۽ فائل فري سخت تشدد ڪرڻ کان پوء کيس دوڙ ڀرسان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جي اگر ان جو ڪو ڏوھ ھو ته ان کي پوليس حوالي ڪن ھان ھنن ائين نه ڪيو چڏھن ته علائقي ۽ ڳوٺ وارن کي اھڙي واقعي جي خبر پئي انھن گھر ڏي فون ڪري اطلاع ڏنو جنهن بعد ون فائيو پوليس جي مدد سان کيس اسپتال پھچايو ويو

جنهن بعد پير فيض محمد پارٽي کي ناجائز استعمال ڪندي اسان مٿان پي ايس پٻجو ٿاڻي تي پنهنجي نياڻي جي اغوا جو مون ۽ معشوق سميت ڇھن ڄڻن تي ايف آء آر ڪٽرائي ڇڏي اھڙي زيادتي خلاف اسان سردار خان محمد ڏاھري کي دانهن ڏني سين ته پير فيض اسان سان ظلم ڪيو آهي ھمراھ به اسان جو ڌڪي ڪيو اٿن ۽ اغوا جي ڪوڙي ايف آء آر به اسان تي ڪٽرائي اٿس سردار خان محمد ڏاھري ان سان رابطو ڪيو پر ان جو ھن چوڻ نه ڪيو وري اسان سيد آصف علي شاھ جيلاني وٽ به وياسين ته ان به اسان کي چيو ته اوھان جو ٺاھ ڪرايون ٿا

 ان به ٽي چار دفعا پير فيض کي فون ڪيو ته پنهنجا پاڻ ۾ آهيو ڳالهيون ڪري مسئلو ھل ڪريو پر ان سيد آصف علي شاھ جيلاني کان بھتر موٽ نه پوء سائين اسان کي چيو ته اوھان جو برادري مسئلو آهي آء ڪجھ به نٿو ڪري سگھان پوء اسان قانوني رستو اختيار ڪندي پٻجو ٿاڻي تي پير فيص وارن کي ايف آء آر ڪٽرائي آهي تنهن کان پوء ڪجھ ڏينهن اڳ سيد آصف علي شاھ خلاف ميڊيا ٽرائل ڪندي سندس تي ڪوڙا الزم ھڻندي سائين جن جي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي

جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اڄ سيد آصف علي شاھ جيلاني ۽ سردار خان محمد ڏاھري ٺاھ ڪرڻ جو چئي رھيا آهن پر ھو ٺاھ ڪرڻ نه ٿو چاھي اسان پيپلزپارٽي جي اعلا قيادت ضلع قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته پير فيض برادري مسئلن ۾ به  پارٽي جي عھدي کي غلط استعمال ڪندي پارٽي اندر انتشار فھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي

 ۽ جنهن نياڻي جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس اسان مٿان داخل ڪرايو آهي اھا نياڻي ھن وقت سندس گھر ۾ موجود آهي صرف ۽ صرف ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ  فيملي کي استعمال ڪري رھيو آهي

  اسان انصاف لاءِ  مجبورن احتجاج ڪري رھيا آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي منهنجي پٽ تي حملي آورن کي گرفتار ڪيو وڃي مونکي يا منهنجي فيملي جي ڪنهن به فرد  کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا زميوار پير فيض ۽ سندس پٽ ۽ ڀائٽيا ھوندا.

نومبر 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو