ڊنمارڪ جي سندري مس يونيورس 2024 بڻجي وئي

Spread the love

سال 2024 جو مس يونيورس جو تاج ڊنمارڪ جي سندري کٽي ورتو.
ڇنڇر جي رات ميڪسيڪو سٽي ۾ حسن جي سالياني مقابلي جو فائنل ٿيو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي سندرين شرڪت ڪئي.
مقابلي جي شروعات خميس کان ٿي هئي، جنهن کانپوءِ 120 حسينائن مان 30 کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو.
پوءِ 5 فائنل اميدوارن مان ڊنمارڪ جي 21 ورهين جي وڪٽوريا ڪجرٿيل ويگ کي مس يونيورس 2024 قرار ڏنو ويو.
مقابلي ۾ نائجيريا جي چيڊيما ايڊيٽشينا ٻئي، ميڪسيڪو جي ماريا فرنينڊا ٽئين نمبر تي رهي.

نومبر 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو