وڳڻ: ايس ايڇ او انور بروھي بدلي، نادر ڀنگرنئون ايس ايڇ او مقرر

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽر ) وڳڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او انور بروھي بدلي سندس جا۽ تي نادر ڀنگر ايس ايڇ او وڳڻ مقرر ٿي ويو نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او سان صحافين جي وفد جي ملاقات حد ۾ امن و امان جي حوالي سان ڪنهن کي به بخش نه ڪبو اھو بااثر  ڇو نه ھجي قانون کان مٿانھون ناھي وياج خورن سميت جوا ۽ منشيات فروشن خلاف سخت قدم کڻداسين ـ ايس ايڇ او نادر ڀنگر

خبر موجب وڳڻ ٿاڻي جي نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او نادر ڀنگر سان سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي صحافين سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ـ صدر ساجد بلوچ ـ محمد بخش خاصخيلي ـ فتح محمد ڪلھوڙو ـ عاجز چانڊيو ـ نادر علي مغيري ـ غلام اڪبر جتوئي  ـ ضمير چانڊيو ـ علي گل مغيري ـ خالد مغيري ـ سردار احمد سومرو ـ امتياز خاصخيلي  ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي  ان موقعي تي ايس ايڇ او وڳڻ نادر ڀنگر چيو ته وڳڻ جي حد ۾ ڪنهن به  ڏوھاري کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو ۽ پوليس عوام جي حفاظت ڪرڻ لا۽ آهي

 ان لاء امن و امان ۾ رخنو وجھڻ وارن خلاف سخت قدم کڻنداسين علائقي ۾ وياج خورن سميت جوا ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ڪنداسين ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڪئپٽن رٽائرڊ  صدام حسين خاصخيلي پڻ اشتهاري ڏوھارين لاء به سخت حڪم ڪيا آهن ڏوھارين جو علائقي مان نالو نشان مٽايو ويندو پيش ٿيندڙن سان قانون مطابق رعايت ڪئي ويندي ھن وڌيڪ چيو ته  وياج خورن جي ستائلن لاء  ٿاڻي جا دروازا کليل آهن ڪنهن کي به شڪايت آهي ته اھو ٿاڻي تي اچي کين  قانوني مدد ڪنداسين.+

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو