آريان خان پيءُ جي سڀ کان وڏي خوبي ٻڌائي ڇڏي، انٽرويو وائرل
ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ جي وڏ پٽ آريان خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پيءُ مارڪيٽنگ واري معاملي ۾ انتهائي ذهين آهي.
شاهه رخ خان جي نياڻيءَ اداڪاري جڏهن ته پٽ ڪاروبار جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي، آريان خان ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران پنهنجي پيءَ جي صلاحيتن بابت گفتگو ڪئي.
آريان خان ٻڌايو ته سندس والد ڪاروبار ۾ سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪندو آهي، هو ڪاروباري صلاحيتن سميت مارڪيٽنگ وارن معاملن به انتهائي ذهين آهي.