پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو نظر انداز ڪري رھيو آھي: محمد عــلي ملاح

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) رپورٽ پ پ ايم اين اي نـــويد ڏيــرو پاران يوسي چوٽـياري ۾ ترقياتي ڪمن توڙي نوڪرين ۾ نــظر انداز ڪرڻ خلاف پ پ سان وابسطه ملاح برادري جي اڳواڻن جي پٽــيل ھائوس چوٽـياري تي پــٽـيل محمد عــلي ملاح جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي جنھن ۾ يوسي چوٽياري ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ ملاح بــرادري جــي ورڪرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي

 گڏجاڻي ۾ پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو طرفان ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي پٽيل محمد علي ملاح پٽيل رجب علي ملاح پٽيل ڪامريڊ امام الدين ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سان آھي

اسان ٻارين ٻچين پ پ کي ووٽ ڏنا آھن ۽ هر اليڪشن ۾ پولنگون به سنڀاليندا اچون تنهن هوندي به اسان کي پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو مسلسل هر قسم جي ترقياتي ڪمن توڙي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪندو اچي ايتري قدر جو يوسي چوٽياريون ۾ ھلندڙ رستين جي ڪمن به اسان کي اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي سندن من پسند ماڻھن جنـھن جا 2 کان 3 ووٽ آھن

 انھن کي وڌيڪ اھميت ڏي ٿو  اسان وڏي اڪثريت وارا آھيون اسان جا هتي هڪ جاء تي 300کان مٿي ووٽ آھن هينئر اسان پاران بيهاريل ضلعي ميمبر جي سيٽ تي پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر ڪامران ملاح يوسي مان 1700 کان به وڌيڪ ووٽ کنيا اسان جي هيتري محنت هجڻ باوجود به اسان جو ملاح پاڙو مسلسل نظر انداز آھي

هنن وڌيڪ چيو جيڪڏھن اها صورتحال رهي ته آئـيندا ٿيندڙ الـيڪــشن ۾ اسان پ پ جو بائــيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين اسان پ پ جي مرڪزي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ پ پ ضلعي سانگهڙ جي صدر علي حسن هنڱورجو کان مطالبو ٿا

ڪريون ته اسان جي نظر انداز ٿيڻ جو نوٽيس وٺن ۽  فوري طور ايم اين اي نويد ڏيرو کي هدايت ڪن جيئن اسان جي شڪايتن جو اظالو ٿي سگهي اجلاس ۾ ملاح برادري جي معززين حاجي مٺالو ملاح عطا محمد ملاح ڪامران ملاح اعجاز ملاح  سميت چوٽياريون جي ملاح برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو