”ماڻهو سوشل ميڊيا تي گاريون ۽ پاراتا ڏين ٿا“

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل اريج چوڌري چيو آهي ته ماڻهو سوشل ميڊيا تي منفي ڪردار سبب گاريون ۽ پاراتا ڏين ٿا.
اريج چوڌري ويجهڙائي ۾ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻين موضوعن سميت ڊرامني ۾ منفي ڪردارن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
اداڪارا چيو ته منهنجي پنهنجي شخصيت انتهائي هاڪاري آهي، حقيقي زندگيءَ ۾ جن شين جي خلاف آهيان، منفي ڪردار ۾ اُهي سڀ کان وڌيڪ آهن، انڪري منفي ڪردار کي سمجهڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي.
اداڪارا ويجهڙ ۾ پنهنجي ختم ٿيندڙ ڊرامي جو مثال ڏيندي چيو ته ڊرامي ۾ هڪ زال مڙس آهن ۽ مان سندن رشتي ۾ڏار وجهي رهي آهيان، مان سوچيو پئي ته اِهو ڇا پئي ڪيان ۽ اهو مون لاءِ هڪ چئلينج هو.
هڪ سوال جي جواب ۾ اريج چوڌري چيو ته جيستائين ماڻهو مون سان ناهن ملندا تيستائين سوشل ميڊيا تي گاريون ۽ پاراتا ڏيندا آهن، پر ملڻ کانپوءِ ماڻهن جي سوچ تبديل ٿي ويندي آهي.

نومبر 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو