ڏوڪري ۾ هيومن رائيٽس پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڏوڪري (رپورٽر) پاڪستان زنده آباد، پاڪ آرمي زنده آباد ڏوڪري ۾ هيومن رائيٽس محب وطن پاڪستان آءِ ايس ايف صوبائي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حافظ شوڪت علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ ڳوٺ بخش جتوئي، سهيڙ، عثمان ڪلهوڙو، ڏوڪري ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جي اڳواڻن هيومن رائيٽس محب وطن پاڪستان آءِ ايس ايف صوبائي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حافظ شوڪت علي جتوئي، حافظ محب علي جتوئي، خان محمد جتوئي، گلزار علي جتوئي، احمد علي جتوئي، پنهل جتوئي، گلابي جتوئي، نادر علي ڀنڊ، ممتاز ميربحر، ذوالفقار ڀنڊ، علي حيدر، علي رضا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي ريلي کي هيومن رائيٽس محب وطن پاڪستان آءِ ايس ايف صوبائي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حافظ شوڪت علي جتوئي خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سان پوري ملڪ جو عوام گڏ آهي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج جا جوان ملڪ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ جي دفاع ڪري رهيا آهن.
جُون 11, 2023