منهنجا ڏک منهنجا آهن: ايشوريا جي ڊائري جو صفحو وائرل

Spread the love

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ جي ڊائري جو هڪ صفحو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “منهنجا ڏک منهنجا آهن ۽…” اداڪارا جا پنهنجي مڙس اڀيشيڪ بچن سان طلاق جي افواهن وچ ۾ ڊائري جو صفحو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداح مختلف اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن

ايشوريا پنهنجي ڊائري ۾ لکيو آهي ته “اهو جيڪو مونکي اونداهه ۾ به روشني طرف وٺي ويندو”. اداڪارا وڌيڪ لکيو آهي ته “منهنجا ڏک منهنجا آهن، مان ٻين جيان نٿي ڪري سگهان”. ڊائري جي اهڙي صفحي وائرل ٿيڻ کانپوءِ اهو ظاهر ٿو ٿئي ته اها پنهنجا ڏک ۽ غم ڪنهن سان به شيئر ڪرڻ پسند نٿي ڪري ۽ پنهنجي ذاتي زندگي کي پنهنجي ذات جي حد تائين رکڻ چاهي ٿي

اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ کي پيار ڪندڙ جوڙن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي پر ڪافي عرصي کان انهن ٻنهي وچ ۾ طلاق جي افواهن جون خبرون هلي رهيون آهن. ڀارت جي مشهور راڌيڪا مرچنٽ ۽ اننت امباني جي شادي ۾ جتي سمورا ستارا موجود هئا، انهن ٻنهي جي عليحده اچڻ انهن افواهن کي وڌيڪ پختو ڪيو هو

نومبر 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو