ڏوڪري ۾ پورهيت جو ساهرن خلاف احتجاجي مظاھرو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ پورهيت جو ساهرن خلاف احتجاج. ڏوڪري ۾ پورهيت امير علي سونهارو پنهنجي زال ۽ ساهرن خلاف ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي زال روبینہ ۽ سندس ڀائر اختيار، اظهر راڌڻ ۽ اختر جو پٽ منهنجي گهر مان زبردستي سامان کڻي شڪيل سونهاري جي هوٽل تي رکي کڻي ويا آهن.
هن چيو ته منهنجي گهرواري سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي آهي ۽ مون کي حراسان ڪندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي گهرواري روبینہ کي ٻين گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ روڪڻ تي پنهنجي ڀائرن جي غلط آگاهي ڏئي گهر ڇڏي هلي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شڪيل سونهاري منهنجي گهرواري سان ساٿ ڏيندي منهنجي گهر جو سامان پنهنجي هوٽل رکيو هو مون کي اطلاع ڏيڻ بدران سامان منهنجي ساهرن کي ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سامان گهرڻ تي مون کي منهنجا ساهرا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
مون کي منهنجي گهرواري ۽ ان جي ڀائرن مان جان جو خطرو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي گهرواري روبینہ مان جان آزاد ڪرائي منهنجي مٿان داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن
جُون 11, 2023