رنبير ڪپور جي نئين فلم ”انيمل“ جو ٽيزر جاري
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار رنبير ڪپور جي نئين فلم ”انيمل“ جو ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور ٽيزر جاري ڪيو ويو جنهن کي مداح گھڻو پسند ڪري رهيا آهن.
50 سيڪنڊن جي ٽيزر کي آچر ڏينهن رليز ڪيو ويو جنهن ۾ اداڪار کي ڪُهاڙي سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن سان وڙهندي ڏسي سگھجي ٿو.
ٽيزر ۾ رنبير ڪپور جي منهن تي زخمن جا نشان ۽ ڊگھا وار ڏسي سگھجن ٿا.
سنديپ ريڊي وانگا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ رنبير ڪپور سان گڏ انيل ڪپور، بوبي ديول ۽ رشميڪا مندانا به مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ان فلم کي هلندڙ سال 11 آگسٽ تي رليز ڪيو ويندو.
