مفتي قوي پاڪستاني اداڪارائن جي ڳجهي نگراني ڪري ٿو، وينا ملڪ جو انڪشاف
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مفتي قوي پاڪستاني اداڪارائن جي ڳجهي نگراني ڪندو آهي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا وينا ملڪ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن نجي زندگي، شوبز سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پوڊ ڪاسٽ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته هن کي ڀارتي ريئلٽي شو بِگ باس ۾ ڪم ڪندي ڏاڍو مزو آيو، پر شو ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس ڌمڪيون پڻ مليون.
هن چيو ته شو جو حصو بڻجڻ کان اڳ لکت ۾ معاهدو ٿيندو آهي، جنهن ۾ هر شئي واضح طور لکيل هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته بِگ باس جي شوٽنگ لاءِ گهر جي اندر ۽ ٻاهر 56 ڪيمرائون لڳل هونديون آهن جيڪي هر چرپر کي رڪارڊ ڪنديون آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته بگ باس ۾ ڪم ڪرڻ سبب مفتي عبدالقوي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي، جنهن تي هن مفتي عبدالقوي کان سوال ڪيو هو ته اوهان ڪيئن خبر پئي ته مون سان ڇا ٿيو آهي؟
ميزبان سوال ڪيو ته مفتي عبدالقوي سوال اُٿاريو هو ته ڇا وينا ملڪ پنهنجي ٻارن سان گڏ بگ باس ڏسي سگهي ٿي؟
جنهن جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته سندس ٻارن کي مڪمل ڄاڻ آهي ته سندن امڙ جو ڪهڙي شعبي سان واسطو آهي ۽ هن اڄ تائين ڇا ڇا ڪيو آهي، اسان سڀ گڏ ويهي بگ باس سميت هر شئي ڏسندا آهيون.
پوڊ ڪاسٽ دوران بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته ڀارت ۾ جڏهن سندن فلمن جي شوٽنگ هوندي هئي تڏهن ڀارتي انتهاپسند تنظيم شيو سينا جا ماڻهو هٿيارن سان ايندا هئا پر هوءَ کين رستو ڏيڻ ۽ پنهنجي وينٽي ۾ وڃڻ جو چوندي هئي.
هن چيو ته پنهنجي مرضيءَ سان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏيو آهي، اهڙي مٽي مان ناهيان ٺهيل جو ڪير به اچي زوري زبردستي ڪم ڪرائي سگهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته پنهنجي فيصلي تي قائم آهيان، هاڻي به انباڪس بالي ووڊ فلمن جي آفرز سان ڀريو پيو آهي.