باجوڙ ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران آئوٽ ڏيڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Spread the love

باجوڙ ( ويب ڊيسڪ ) باجوڙ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل ميچ دوران رانديگر کي آئوٽ قرار ڏيڻ تان ٽيمن ۽ سندن سپورٽرن ۾ جهيڙو ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو.
جمعي جي ڏينهن باجور اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل ميچ جاري هئي، جنهن دوران هڪ رانديگر کي ٿرڊ امپائر جڏهن آئوٽ قرار ڏنو ته ٻنهي ٽيمن جي سپورٽرن ۾ جيهڙو ٿي پيو.
ٽيمن جي رانديگرن ۽ تماشائين هڪ ٻئي تي لتن، مڪن ۽ ڪرسين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو ، مڇريل تماشائين وي آءِ پي انڪلوزر ۾ به داخل ٿيا ۽ شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جهيڙي دوران هڪ همراهه مارجي ويو ۽ ڊي ايس پي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايف سي ۽ باجوڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال سنڀالي ۽ زخمين اسپتال منتقل ڪيو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪندي واقعي ۾ ملوث ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نومبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو