سارا رضا خان جي تنقيد تي آئمه بيگ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا سارا رضا خان جي تنقيد تي آئمه بيگ جو ردعمل سامهون اچي ويو.
باصلاحيت پلي بيڪ سنگر سارا رضا خان ڪجهه ڏينهن اڳ آئمه بيگ جي گلوڪاري تي تجزيو ڪندي تنقيد ڪندي هئي ته هوءَ ڪا ڳائڻي ناهي پر هڪ انٽرٽينر آهي، جيڪا آٽو ٽيون جي مدد سان ڳائيندي آهي، آئمه بيگ کي ان بابت سوچڻ گهرجي، کيس ٺيڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
سارا رضا خان جو آئمه بيگ بابت اهو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن تي هاڻ آئمه جو ردعمل به آيو آهي.
آئمه بيگ پنهنجي هڪ لائيو پرفارمنس شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ”مون کي ٻڌايو مان ان لائيو ۾ آٽو ٽيون ڪٿي استعمال ڪري رهي آهي“.
اهو ئي نه پر آئمه بيگ سارا رضا خان کي جارحاڻي انداز ۾ ”آنٽي“ به چيو هو، آئمه جي اها پوسٽ انسٽاگرام تي گردش ڪري رهي آهي.
آئمه بيگ جي ان ردعمل تي اڪثر سوشل ميڊيا واهپيدار خوش ناهن ۽ انهن سارا رضا کي آنٽي چوڻ تي به اعتراض ڪيو.
ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته سارا رضا هڪ شاندار پلي بيڪ ۽ ڪلاسيڪل گلوڪارا آهن ۽ آئمه بيگ جي گلوڪاري بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق رکي ٿي.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو