ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان وابستگيءَ واري شاعري

Spread the love

عذ ير عابد
هر شعبي جو هڪ بنيادي مقصد آهي، ان جي هجڻ جو ڪو نه ڪو سبب آهي. هِي بنيادي جوهر انجي ارتقا کي اڳتي وڌائي ٿو، آهستي آهستي پنهنجي دائري ۾ نوان عنصر به شامل ڪري ٿو. مثال طور شاعري ۽ ادب بنيادي طور ذاتي عمل آهن، جيڪي انفرادي جذبن ۽ تجربن جي گهرائيءَ مان جنم وٺن ٿا. جيتوڻيڪ اهي فرد ۽ انهن جا تجربا سماج سان ئي ڳنڍيل آهن، پر اهي پهرين مرحلي ۾ ذاتي اظهار آهن. تنهن هوندي به، جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪم شايع ٿئي ٿو، اهو نجي دائري کان ٻاهر نڪري، عوامي دائري ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙن سان وسيع پيماني تي ڳنڍجي ٿو. نجي کان عوامي ٿيڻ، اها تبديلي هڪ دلچسپ عمل آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ادب کي ٻين سان جوڙي ٿو، انساني جذبن ۽ سمجهه کي  سماجي سطح تي ڳنڍي ٿو.

                 نامياري اسڪرپٽ رائٽر، نغمه نگار ۽ شاعر جاويد اختر کان جڏهن شاعريءَ ڏانهن رويي ۽ ترقي پسند ليکڪن جي تحريڪ جي نظرئي بابت پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو: سماجي اثرات ۽ ذاتي اظهار جي وچ ۾ هڪ نازڪ توازن آهي. سماج جي هڪ فرد جي حيثيت ۾، ليکڪ لازمي طور تي ڪنهن نظرئي مان   يا سماجي رسمن ۽ سوچن جي وهڪري مان ئي جُڙندو آهي. تنهن ڪري هُو پنهنجي لکڻين ۾ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مسئلن تي ڌيان ڏيندو آهي، جيئن سماجي ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ تي روشني وجهڻ وغيره. هن ساڳئي وقت ليکڪ جي ڪم ۾ ذاتي تجربي ۽ انساني جذبن جي اهميت تي به  زور ڏنو. هن چيو  ته، ليکڪ جڏهن انساني آفاقي احساسن ۽ جذبن کي بيان ڪري ٿو ته ان جي ڪم کي محدود ڪرڻ يا حوصلا شڪني نه ڪرڻ گُهرجي.

سنڌ جو  نامور ۽ سنڌي نوجوانن جو پسنديده شاعر، حسن درس رومانويت جي ادبي تحريڪ کان تمام گهڻو متاثر هو. هن جي شاعري ان اثر جو ثبوت آهي، ڇاڪاڻ ته هُو جذبات ۽ انفراديت جي دائري ۾ رهي، انساني احساسن جي نازڪ ۽ باطني پاسن کي مهارت سان بيان ڪري ٿو. حسن پاڻ کان اڳ واري شاعريءَ جي روايت سان بغاوت ڪئي، فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز جهڙا شاعر، جن انساني ڀلائيءَ لاءِ محبت، انقلاب ۽ اجتماعي نظرين کي سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ سمويو. هنن کان پوءِ ايندڙ شاعرن گهڻي ڀاڱي ان روايت جي اثر هيٺ ئي شاعري ڪئي. ان جي بدران، حسن درس پنهنجي ماحول ۽ رومانوي تحريڪ کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي پنهنجي منفرد دنيا ٺاهي. سندس لکڻين ۾ انساني جذبن، انفراديت، ثقافت، روايتن ۽ ڏاکڻي سنڌ جي خوبصورتيءَ جو  ڀرپور اظهار آهي. هن محبت تي لکڻ سان گڏ جهمپير ۽ ڪينجهر ڍنڍ کان وٺي درياءَ، سمنڊ، لوڪ ڪهاڻين، پکين ۽ وڻن جو به پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو  آهي. رومانيت ۽ ڪنهن حد تائين صوفي ازم اثر جي ميلاپ کيس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ منفرد آواز بڻائي ڇڏيو.

ڌرتيءَ ۽ عام ماڻهن سان وابستگي سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهي. عام ماڻهوءَ سان گڏ گهاريل زندگي ۽ ان جا مشاهدا ۽ تجربا هن جي ڪم ۾ چٽي نموني بيان ٿيل آهن، جنهن سبب ئي حسن عام ماڻهوءَ جو شاعر بڻجي ويو. حسن درس پنهنجي وسيع تجربي ۽ علم سان سنڌي ادب تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. نوجوانن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ حسن درس جي بيحد مقبوليت جي ڪري حسن جي ساحر لڌيانوي سان هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. ساحر وانگر حسن به پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين ۽ همعصرن کان عمر ۾ ننڍو هو، پر پوءِ به مقبوليت جي لحاظ کان خاص ڪري نوجوان نسل ۾ انهن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو. جڏهن ته سندس همعصرن جو پنهنجو منفرد ڪم  آهي، پر حسن جا موضوع ساحر جي شاعريءَ وانگر، نوجوانن سان تمام گهڻو ويجھا آهن.

سندس ڪيئي نظم لوڪ ڪهاڻين وانگر آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ڪٿا آهن. حسن جي شاعريءَ جي وڏي خوبي، انفرادي احساسن سان گڏ، فطرت، ثقافتي زندگي ۽ ريتن رسمن جو ذڪر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڄڻ لاڙ جو سڄو پٽ ساهه پيو کڻي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، غزل جهڙي صنف ۾ به هن جا موضوع  ساڳيا سندس نظمن وارا ئي آهن: محبت، جُدائي، تمنا ۽ ڌرتيءَ جو حُسن. موضوع ۽ اسلوب جو  تسلسل هن جي وسيع اپيل جو سبب بڻيو آهي، جنهن حسن درس کي نوجوانن جو   محبوب شاعر ۽  سنڌي ادب ۾ اهم آواز بڻائي ڇڏيو آهي. حسن  جي اوچتي ۽ حادثاتي موت نوجوان نسل کي شديد صدمو رسايو، اهو هنن جي پنهنجي مثالي شاعر ۽ هيرو جو وڇوڙو هو. سندس اوچتو موڪلاڻي هن جي  مداحن جي ذهنن ۾ هڪ دائمي يادگار بڻجي وئي آهي. حسن کي جيڪا  ڳالهه منفرد بڻائي ٿي ۽ پنهنجي همعصرن کان ڌار ڪري ٿي، اها آهي ننڍي عمر ۾ ادب تي سندس غير معمولي اثر. زندگي جي صرف چئن ڏهاڪن  ۾  تمام ٿورن ماڻهن اهڙو اثر ڇڏيو آهي. حسن جو ڇڏيل ورثو  ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.

ڪيترا ئي عظيم ذهن اڪثر پنهنجا ادبي ۽ تاريخي نشان ڇڏڻ ۾ وقت وٺندا آهن، تاريخ ۽ ادب تي پنهنجا نشان ڇڏڻ لاءِ انهن کي ٽيھ، پنجٽيهه سال لڳي ويندا آهن، تڏهن وڃي هُو ڪو شاهڪار تخليق ڪندا آهن يا پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪندا آهن. پر حسن هن معاملي ۾ سڀني کان الڳ هو ۽ پنهنجي نوجوانيءَ ۾ سماج ۽ ادب تي انمول نشان ڇڏي ويو. هن جي غير معمولي ڏات، جوش، ۽ لگن هن کي اهو اهم فرق پيدا ڪرڻ جي قابل بڻايو. نتيجي طور، حسن درس  هڪ غير روايتي رومانوي شاعر جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو نوجوان ٽيلنٽ جي طاقت جي علامت آهي. هن جي شاعري ۽ شخصيت تاريخ جي رخ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندي رهندي.


 


 

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو