پاڪستان اسلامي ملڪ آهي ۽ ننڍا ڪپڙا پائڻ تي تنقيد عوام جو حق آهي: مائرا خان

Spread the love

اداڪارا ۽ ماڊل مائرا خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ اتي ننڍا ڪپڙا پائڻ تي عوام کي تنقيد ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.
مائرا خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن سوشل ميڊيا تي مشهور شخصيتن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي حوالي سان گفتگو ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان مسلم آبادي جي لحاظ سان ٻيو وڏو ملڪ آهي، جڏهن توهان ايڏي وڏي اسلامي ملڪ ۾ رهو ٿا ۽ پوءِ ڊفينس جي علائقي ۾ ننڍا ڪپڙا پائي نڪرو ته ڏوهه توهان جو هوندو.
سندس چوڻ هو ماڻهن جو حق آهي ته اهي توهان تي تنقيد ڪن، پوسٽ ميڊيا تي پوسٽ ڪندئو ته ماڻهو گاريون به ڏئي سگهن ٿا، ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، ڇو ته توهان پبلڪ پراپرٽي آهيو، توهان ڪجهه ڪيو ٿا ته پوءِ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي همت به رکو.
مائرا خان چيو روڊن تي ماڻهن کي نظر نه اچو، ٿورو گهڻو خيال رکو ته سٺو هوندو، ائين ناهي ته مان ماڊرن ڪپڙا ناهيان پائيندي، جيترا پائيندي آهيان ايتري تنقيد به ٿيندي آهي.
هن چيو اسان ماڻهن کي ڇو روڪيون، جيڪو ڪن ٿا کين ڪرڻ ڏيو، مان اها ڳالهه گهڻي دير سان سکي آهي، تنقيد ڪندڙن کي بلاڪ ڪري ڇڏيندي آهيان.

آڪٽوبر 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو