پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ کي” جُڳاڙي “قرار ڏئي ڇڏيو

Spread the love

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هندي سئنما ۾ ڪم لاءِ رڳو ” جڳاڙ“ ٿيندو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا ڀارتي ۽ آمريڪي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۾ فرق بابت ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب م پريانڪا چيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته هر ملڪ عام طور تي مختلف هوندو آهي، هر جاءِ تي پنهنجا ثقافتي طور طريقا هوندا آهن جنهن کي اسان پسند ڪندا آهيون.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ سڀ کان وڏو فرق اِهو آهي ته هالي ووڊ ۾ دستاويزي ڪم تمام گهڻو ٿيندو آهي، هڪ ڏينهن ۾ اوهان کي سئو اي ميل اينديون، وقت جو خاص خيال رکيو ويندو آهي.
هن چيو ته اسان وٽ( بالي ووڊ ) تمام گهڻو ” جڳاڙ “ ٿيندو آهي ۽ ڪم ڪيو ويندو آهي، اسان حد کان وڌيڪ رومانوي هوندا آهيون، ” اڙي ٿي ويندو، ڪري وٺنداسين، وغيرا“ تنهنڪري ڪم ڪرڻ جو طريقو مختلف هوندو آهي پر اِهو هر ملڪ جو خاصيتن جو حصو پڻ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي تخليق جي ٽائمنگ قدرتي ٿي سگهي ٿي، هي اِهو وڏو فرق آهي جيڪو مون نوٽ ڪيو آهي، ٻي صورت ۾ سڄي دنيا ۾ فلمسازيءَ جي هڪ ئي زبان هوندي آهي.

آڪٽوبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو