ايمرجنگ ايشيا ڪپ: سريلنڪا، پاڪستان کي هارائي فائنل۾ پهچي ويو

Spread the love

الامارات ( ويب ڊيسڪ ) ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ سريلنڪا، پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
سريلنڪا، پاڪستان طرفان مليل 136 رنسن جو هدف لاهيرو اُدارا ۽ آهان وڪرما سنگهي جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان 17 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
لاهيرو اُدارا 43 ۽ وڪرما سنگهي 25 رنسون ٺاهيون، پاڪستان جي سفيان مقيم ۽ عباس آفريدي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ عمان جي شهر الاامارات ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان شاهينز ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سٺو ثابت نه ٿيو.
پاڪستان شاهينز طرفان اننگز جي شروعات عمير بن يوسف ۽ ياسر خان ڪئي پر عمير بن يوسف کانسواءِ ڪو به رانديگر ٻوٽو نه ٻاري سگهيو.
شاهين طرفان ڪپتان محمد حارث سميت ست رانديگر ڊبل فگرز ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، عمير بن يوسف جي 68 رنسن جي مدد سان پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان 135 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا جي داشن هيمنٿا زبردست بالنگ ڪندي چئن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته نپوان ۽ ايشان ملنگا ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
داشن هيمنٿا کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

آڪٽوبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو