ڪاري هرڻ جو شڪار ڪيو يا نه؟ سلمان خان جو بيان وائرل

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي طرفان مسلسل موتمار ڌمڪين تي دبنگ اسٽار سلمان خان مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي.
ان سموري صورتحال دوران ڀارتي ميڊيا تي سلمان خان جي هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن ڪاري هرڻ جي شڪار جا الزام رد ڪيا.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.
سلمان خان جي پراڻي وڊيو وائرل
لارنس بشنوئي ۽ سلمان خان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران اداڪار جي پراڻي وڊيو ريڊٽ تي شيئر ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، وائرل وڊيو 2008ع جي آهي جنهن ۾ سلمان خان انٽرويوءَ دوران ڪاري هرڻ جي شڪار جا الزام رد ڪيا هئا.
صحافيءَ جي سوال تي سلمان دعويٰ ڪئي هئي ته ڪاري هرڻ کي هن گولي نه هنئي هئي جڏهن ته اداڪار هرڻ جي شڪار کي ” جهالت جو شڪار “ قرار ڏيندي چيو هو ته اِها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي ۽ هو اُهو ماڻهو ناهي جنهن ڪاري هرڻ کي گولي هنئي هئي.
جڏهن صحافي کائنس گولي هڻڻ واري همراهه جو نالو ٻڌائڻ جو چيو ته سندس چوڻ هو ته ” ڪو فائدو ناهي.“
ان ئي انٽرويو دوران جڏهن صحافي سلمان خان کان جيل ۾ گهاريل زندگيءَ بابت سوال ڪيو ته هن طنزيه انداز ۾ جواب ڏيني چيو ته اِهو کِل جوڳو وقت هو.

آڪٽوبر 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو