پنڊي ٽيسٽ: ساجد خان جا 6 شڪار، انگلينڊ 267 تي آئوٽ، پاڪستان جون ٽن وڪيٽن تي 76 رنسون
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۾ساجد خان ۽ نعمان علي جي شاندار بالنگ سبب انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 267 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 73 رنسون ٺاهي ورتيون.
راولپنڊي ۾ جاري ٽيِن ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو
انگلش بيٽر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني اسپنرن جي ڄار ۾ ڦاسي پيا ۽ پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 267 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر جيمي سمٿ 91 ۽ بين ڊڪٽ 52 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ان کانسواءِ ڪو به بيٽر وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو.
اسپنر ساجد خان 6، نعمان علي 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته زاهد محمود هڪ شڪار ڪيو.
پاڪستان طرفان اوپنر عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي، ٻئي اوپنر ٽيم کي سٺي شروعات ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا.
عبدالله شفيق 14 ۽ صائم ايوب 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته ڪامران غلام کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.
انگلينڊ جي جيڪ ليچ، گس اٽڪنسن ۽ شعيب بشير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏينهن جي پڄاڻي تي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 76 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ 194 رنسن جو خسارو باقي آهي، ڪپتان شان مسعود 16 ۽ سعود شڪيل 16 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.