فلمن تان وقفي دوران شادي ڪئي ۽ ٻار پيدا ڪيا: ڪاجول
ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي دور ۾ مشهور شخصيتن لاءِ ٽرولنگ زندگي جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي.
باليووڊ اداڪارا هڪ تقريب دوران سوشل ميڊيا جي اثرن،ڪيريئر ۾توازن برقراررکڻ ۽ مشهور شخصيتن جي زندگيءَ جي ڏکيائين تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ گليمرس سان ڀرپور تصويرن ۽ انهن پٺيان لڪل حقيقت بابت خيالن جو اظهار ڪيو.
اداڪارا چيو ته هوءَ شڪر گذار آهي جو سندس زندگيءَ جو گهڻي قدر حصو سوشل ميڊيا کانسواءِ گذريو آهي، ڇهه سال اڳ سماجي رابطن جي دنيا ۾ قدم رکيو، هتي زندگي غير حقيقي آهي.
مداحن جي ٻٽي نوعيت جي ردعمل تي ڪاجول جيڪي ماڻهو اوهان سان بي انتها محبت ڪن ٿا تن کي اوهان سان نفرت ڪرڻ جو به حق آهي، اِهو نٿي چوان ته هو صحيح آهن پر مشهور شخصيت هئڻ سبب اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.
اداڪارا پاڻ کي سست ترين قرار ڏيندي ڪيريئر دوران ڊگهن وقفن تي ڳالهائيندي چيو ته فلمي گهراڻي سان تعلق هئڻ باوجود مون مختصر ڪم ڪيو، منهنجي فلمن جو انگ به گهٽ آهي.
ڪاجول وڌيڪ چيو ته سندس امڙ ۽ ڏاڍي چونديون هيون ته ڪم اوهان جي زندگيءَ جو حصو آهي پر اوهان جي پوري زندگي نه آهي، فلمن تان وقفي دوران مون شادي ڪئي ۽ ٻار پيدا ڪيا.