” اڪيلي آهيان، ڪنهن سان به رشتو قائم ڪرڻ نٿي چاهيان “

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ” ڪڀي مين ڪڀي تم“ ۾ رباب جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا نعيمه بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هن وقت جيتوڻيڪ هوءَ ” سنگل “ آهي پر هو ڪنهن به رشتي لاءِ دستياب ناهي.
ان سان گڏوگڏ نعيمه دعويٰ ڪئي ته سندس وڏن وارن کي ڏسندي انڊسٽريءَ سان واڳيل ٻيون شخصيتون به وڏا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته هن پاڪستان ۾ تمام گهٽ ڪم ڪيو آهي، پر 10 ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين آمريڪا ۾ اداڪاريءَ واري شعبي سان واڳيل رهي.
هن چيو ته سندس خاندان ۾ گهڻو انگ ڊاڪٽرن جو آهي، هن به ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاهيو کيس هميشه کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو.
نعيمه بٽ موجب، اداڪاريءَ جي شوق سبب هوءَ آمريڪا وئي، جتي کيس اسڪالرشپ به ملي، جنهن هن اداڪاري ۽ ٿيٽر جي تعليم حاصل ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ نعيمه بٽ انڪشاف ڪيو ته هوءَ ماضيءَ ۾ لاڳاپن ۾ رهي چڪي آهي، پر سندس تجربو سٺو نه رهيو، هاڻ هوءَ سنگل آهي.
نعيمه بٽ وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪنهن سان به لاڳاپا ناهن ۽ نه ئي ڪنهن سان رشتو قائم ڪرڻ چاهي ٿي، هوءَ خوشگوار زندگي گذاري رهي آهي.

آڪٽوبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو