مُنا ڀائي جو ٽيون حصو ڪڏهن ايندو؟ راجو هيراڻي ٻڌائي ڇڏيو
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلمساز راج ڪمار هيراڻي پنهنجي جڳ مشهور فلم ” مُنا ڀائي ايم بي بي ايس“ بابت اهم معلومات شيئر ڪئي آهي.
اداڪار سنجي دت جي 2003ع ۾ رليز ٿيل فلم ” منا ڀائي ايم بي بي ايس “ پنهنجي انوکي ڪهاڻي ۽ ڪاسٽ سبب هر ماڻهو جي من موهي ورتو هو.
مُنا ڀائي ۽ سَرڪٽ جي جوڙي شوقينن کي ايترو ته پسند آئي جو فلم جو ٻيو سيڪوئيل 2006ع ۾ ” لگي رهو مُنا ڀائي “ جي نالي سان سئنما گهرن جي زينت بڻيو.
ڪاميڊي ۽ رومانس سان ڀرپور فلم جي ٽئين حصي بابت گذريل سال کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا، هاڻ فلمساز راجڪمار هيراڻي فلمي شوقين کي خوشخبري ڏني آهي.
ويجهڙائي ۾ ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران رجڪمار هيراڻي ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هو ” منا ڀائي “ بابت مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته وٽس ” منا ڀائي “ جا پنج اڻپورا اسڪرپٽس پيل آهن، هو هر اسڪرپٽ تي ڇهه مهينا ڪم ڪندو آهي پر وچ ۾ جڏهن ڪهاڻي اڳتي ناهي وڌي سگهندي ته ان کي روڪي ڇڏيندو آهي.
هن مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته منا ڀائي جي ايندڙ فلم، پونئن فلمن کان بهتر هئڻ گهرجي، انڪري وٽس هڪ انوکو خيال آهي ۽ ان تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته منا ڀائي سيريز جي شروعاتي ٻن فلمن کانپوءِ ٽِين فلم ” منا ڀائي چلي آمريڪا“ ٺاهي پئي وئي، پر سنجي دت جي سزا ۽ قيد کانپوءِ اِهو پروجيڪٽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو .