”فلمن جي منفي ڪردارن سبب عورتون حقيقي زندگيءَ ۾ بدڪردار سمجهڻ لڳيون آهن“
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪار وجئه ورما انڪشاف ڪيو آهي ته فلمن ۾ منفي ڪردار ادا ڪرڻ سبب حقيقي زندگيءَ ۾ به عورتون کائنس لنوائڻ لڳيون آهن ۽ کيس پنهنجي ويجهو اچڻ ناهن ڏينديون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، وجئه ورما ويجهڙ ۾ هڪ تقريب دوران انڪشاف ڪيو ته فلمن ۾ ولن جا ڪردار ڪندي ڪندي ماڻهو حقيقي زندگيءَ ۾ به کيس ولن سمجهڻ لڳا آهن.
هن چيو ته مسلسل منفي ڪردار سبب مٿس ٿيندڙ تنقيد سندس ذاتي توڻي اداڪاريءَ جي صلاحيتن کي متاثر ڪري رهي آهي.
اداڪار چيو ته ڪيئي ماڻهو حقيقي زندگيءَ ۾ به کيس بدڪردار سمجهن ٿا، ڏک ۽ تڪليف ته تڏهن ٿيندي آهي ته جڏهن خوبصورت ڇوڪريون ۽ سندن مائرون به کائنس ڊڄڻ لڳنديون آهن.
هن چيو ته فلمي ڪردار سبب ڇوڪرين جون مائرون ايتريون ته ڊنل آهن جو کين منهنجي ويجهو اچڻ به ناهن ڏينديون.