سکر: گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب شھري پريشان
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ، اسٽال بند، ماڻهو ڪاٺين۔ايل پي گئس ۽ ڪوئلي تي کاڌو تيار ڪرڻ تي مجبور ، ڪاٺين جي گهرج به وڌي وئي.
گئس جا بل ادا ڪرڻ باوجود سوئي گئس جو متبادل ٻارڻ لڳا۔ان سلسلي ۾ سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني انتظاميا جي مجرمانه غفلت ۽ مسلسل لاپرواهي سبب سوئي گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ، بندش کانپوءِ گيس پريشر جي کوٽ نه رڳو گهرن کي پر مفلوج ڪري ڇڏيو آهي
پر گيس جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ڪاٺيون۔ايل پي گئس ۽ ڪوئلي جو استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن،گئس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب گئس صارفين پاران متبادل ٻارڻ تي مجبور بڻيل آھن جڏهن ته گئس جي بندش سبب ڪاٺين جي گهرج به وڌي وئي آهي
ڪاٺين جي وڌيڪ وڪري ڪري دڪاندار به اگھ وڌائي مالا مال ٿي ويا آهن جڏهن غريب مزدور طبقو پري پري کان ڪاٺيون کڻي اچڻ تي مجبور آھي
شھرين جي احتجاج باوجود گئس انتظاميا سکر جي ڪن تي جونء به نٿي چري سکر جي گئس صارفين پيٽروليم ۽ گئس وفاقي واري وزير سميت سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اختيارن کان سکر ۾ سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي، لوڊشيڊنگ ۽ مصنوعي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔
جُون 9, 2023