آسٽريليا جو دورو: پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي امڪاني ڪپتان جو نالو سامهون اچي ويو

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، محمد رضوان کي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت سونپڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته حتمي فيصلو فيصلو چيئرمين ۽ سليڪٽرز جي مشاورت سان ٿيندو.
ويجهڙائي چيمپيئنز ڪپ ۽ پريزيڊنٽ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي محمد حسنين جي اسڪواڊ ۾ واپسي يقيني ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، آل رائونڊر عامر جمال ۽ نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر حسيب الله به سليڪشن ڪميٽي جي نظرن ۾ آهن ۽ کين اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.

آڪٽوبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو