چيمپيئنز ٽرافي، ڀارت جون ميچون ٻن وينيوز تي ڪرائڻ جي تجويز سامهون اچي وئي

Spread the love

پاڪستان کي ايندڙ سال چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪرڻي آهي ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ ته ميگا ايونٽ ۾ ڀارت جون ٽئي رائونڊ ميچون ٻن وينيوز تي رکڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، آءِ سي سي براڊ ڪاسٽرز جيڪي ڀارتي بورڊ جا به براڊ ڪاسٽر آهن انهن طرفان تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته ٻن وينيوز تي ميچون رکڻ سان براڊ ڪاسٽ ۽ ايونٽ ويليو ۾ واڌارو ٿيندو، ڀارت جون ميچون هڪ وينيو تي رکڻ سان سٺو تاثر نه ويندو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ٻن وينيوز تي ميچون رکڻ تي ڪو به اعتراض ناهي ۽ پي سي بي ان تجويز کي ڌيان ۾ رکندي ميچن لاءِ راولپنڊي جو آپشن ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت لاءِ هڪ وينيو لاهور تجويز ڪيو هو پر براڊ ڪاسٽر هڪ ٻئي وينيو کي شامل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ اهي ته ابتدائي شيڊيول ۾ ڀارت جون ٽئي رائونڊ ميچون لاهور ۾ رکيون ويون آهن.
واضح رهي ته ابتدائي شيڊيول موجب، ڀارتي ٽيم 20 فيبروري تي بنگلاديش ۽ 23 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف ميچ کيڏندي.
ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ-ڀارت ميچ پهرين مارچ تي شيڊيول آهي جڏهن ته پاڪستان، ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش کي گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي.

آڪٽوبر 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو