بشنوئي گينگ پاران بابا صديقي کي مارڻ جي دعويٰ، سلمان خان جي سيڪيورٽي سخت

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) لارنس بشنوئي گينگ سياسي جماعت نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي ( اين سي پي ) جي اڳواڻ ۽ ڪاروباري شخصيت بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آچر جي ڏينهن گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو آهي.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
جوابدار انوج ٿاپن کي هلندڙ سال سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جون ۾ جيل اندر ئي دم ڏئي ڇڏيو هو.
سوشل ميڊيا تي پوسٽ وائرل ٿيڻ کانپوءِ ممبئي پوليس معاملي جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
بابا صديقي کي ڇنڇر جي رات ممبئي ۾ پٽ جي آفيس ٻاهران فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ کيس ممبئيءَ جي ليلاوتي اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس ٻن شڪي حملي آورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
بابا صديقيءَ جا ڀارتي فلمي صنعت جي ڪيئي سپر اسٽارز سان ويجها لاڳاپا رهيا، سندس افطار پارٽين سميت مختلف تقريبن ۾هندي سئنما جون مشهور شخصيتون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا هئا.
هن ٻن ڏهاڪن تائين ڪانگريس سان واڳيل رهيو پر ويجهڙائي ۾ مهارشٽرا جي علائقائي جماعت نيشنل ڪانگريس پارٽي جي ڌڙي ۾ شموليت اختيار ڪئي جيڪا رياستي حڪومت جو حصو آهي.
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
14 اپريل 2024ع جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.

آڪٽوبر 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو