هني ايراني سان عليحدگي، جاويد اختر ورهين بعد راز تان پردو کڻي ورتو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر ليکڪ ۽ گيت ڪار جاويد اختر اعتراف ڪندي چيو آهي ته پهرين شادي جي ناڪامي جو سبب شراب نوشي هئي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران جاويد اختر شراب جي عادت مان ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجي جدوجهد تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ پهرين شاديءَ جي ناڪامي لاءِ پاڻ کي ذميوار قرار ڏيندي افسوس جو اظهار ڪيو.
انٽرويوءَ دوران جاويد اختر اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هني ايراني سان سندس شادي انڪري ناڪام ٿي ڇو ته هو شرابي هو.
هن پنهنجي پهرين شادي جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شادي کي بچائي سگهجي پيو پر شراب جي بُري عادت سبب غيرذميوراڻو رويو اختيار ڪيو.
جاويدجاويد اختر موجب، جڏهن انسان نشي ۾ هوندو آهي ته جذباتي فيصلا ڪندو آهي، اوهان اهڙن مسئلن تي به وڙهڻ لڳندو آهي جيڪي حقيقت ۾ وڏا مسئلا نه هوندا آهن، اهڙيون غلطيون هن ڪيون آهن.
هن نوجوان کي شراب جي عادت کان بچڻ جي نصيحت ڪندي چيو ته هن شراب پي وڏو وقت وڃايو، پر 31 جولاءِ 1991 تي شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو.
جاويد اختر چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهن ورهين تائين شراب ۾ غرق رهيس جڏهن ته هو پنهنجو اِهو وقت هاڪاري ۽ سٺن مقصدن لاءِ استعمال ڪري پئي سگهيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو هاڻي جي زندگي جي ماضيءَ جي رهڻي ڪهڻي سان ڀيٽ ڪريان ته هن شراب ڇڏڻ کانپوءِ ڪا به وڏي غلطي ناهي ڪئي.
ياد رهي ته جاويد اختر 1972 ۾ پهرين شادي اداڪارا هني ايراني سان ڪئي هئي جنهن مان کيس ٻن ٻارن فرحان ۽ زويا جو اعلاد آهي پر 1985ع ۾ جاويد اخت هني ايراني وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي، جاويد اختر نوَ ڊسمبر 1984ع بالي ووڊ اداڪارا شبانه اعظمي سان ٻي شادي ڪئي هئي.

آڪٽوبر 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو