”آريان خان وڊيوز ليڪ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو“
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي تازو پنهنجي سائبر ٿرلر فلم ”سي ٽي آر ايل“ جي پروموشن دوران ننڍپڻ جي يادن ۽ ولاگنگ جي شوق جي حوالي سان دلچسپ انڪشاف ڪيا.
اننيا ٻڌايو ته مان شروع کان ولاگنگ جو شوق رکندي هيس ۽ هر ڏينهن جا تفصيل رڪارڊ ڪندي هيس پر انهن وڊيوز کي ڪڏهن آن لائن پوسٽ نه ڪيو.
هن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست آريان خان جي حوالي سان دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو ته آريان اڪثر مون کي، پنهنجي ڀيڻ سهانا خان ۽ ان جي دوست شانايا ڪپور کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته جيڪڏهن اهي سندس چوڻ نه ڪنديون ته انهن جا وي لاگ ليڪ ڪري ڇڏيندو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اننيا هڪ شو ۾ اهو تسليم ڪيو هو ته ننڍپڻ ۾ آريان خان کيس پسند هو.