ملير: درساڻو ڇنو ۾اتائي ڊاڪٽرن،اسپتالن تي ڇاپا، 4 اسپتالون سيل
ملير (ڊر) سنڌ صحت کاتي جي ڊپٽي هيلٿ ڊائريڪٽر محسن صديقي جو ٽيم سميت درساڻو ڇنو ۾ عطائي ڊاڪٽرن، ڪلينڪس ۽ اسپتالن تي ڇاپو, 4 ڪلينڪس سيل، اسپتال ۾ موجود ماڻهن طرفان صحت کاتي جي عملي جو گيرائو، عملي پوليس طلب ڪري ورتي پوليس عملي ڪڍي ٿاڻي پهچايو،
شڪايتن تي درساڻو پهتاسين ته سڀ ڪلينڪس جا ڊاڪٽر عطائي هئا جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي آهي
ڊاڪٽر محسن صديقي جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب سنڌ صحت کاتي جي هيلٿ ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن صديقي جو ٽيم سميت درساڻو ڇنو پهچي عطائي ڊاڪٽرن، ڪلينڪس ۽ اسپتالن تي ڇاپا هڻي 4 ڪلينڪس ۽ اسپتالون رورل ھيلٿ ڪئير، ريحان ميڊيڪل سينٽر، عنايت علي ڪلينڪ، المرتضٰی ڪلينڪ سيل ڪري ڇڏيو
ان موقعي تي هڪ اسپتال ۾ موجود ماڻهن صحت کاتي جي آيل عملي جو گيرائو ڪري ورتو ۽ عملي ڀڄي پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري تحفظ لاءِ پوليس طلب ڪري ورتي جن ماڻهن کي هٽائي عملي ڪڍي حفاظت ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچايو
ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر محسن صديقي ٻڌايو ته عوامي شڪايتن ۽ اعلي اختيارين جي هدايت تي درساڻو ڇنو پهتاسين ته سمورين ڪلينڪس جا ڊاڪٽر عطائي نڪتا جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي اسپتالون سيل ڪيون آهن ۽ اهڙي رپورٽ اعلي اختيارين ڪئي ويئي آهي.
جُون 9, 2023