سنڌ جو سدا حيات اربيلو قومي عوامي شاعر استاد بخاري،

Spread the love

تحرير سرور جلال سولنگي دادو
دادو جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري جي 32 ھين ورسي ضلعي انتظاميه طرفان سرڪاري طور تي ملھائي پئي وڃي استاد بخاري سدا حيات عوامي ۽ قومي شاعر جنھن پنھنجي شاعري وسيلي ھر طبقي جي ماڻھن جي درد ۽ ڏک کي بيان ڪيو جنھڪري اڄ سندس چاھيندڙن ۽ مداھن جو وڏو انگ کيس محبت ڪري ٿو ھڪ سٺو شاعر ھن معاشري جو نمائيندو ھوندو آھي ھو پنھنجي شاعري ذريعي قوم جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رھندو آھي عوام ۾ حوصلا افزائي، اعتماد،محبت،سچائي، تنقيد براء اصلاح، احساس،انصاف، جذبو ۽ ھميشه سچائي جو موقف ڏيندو رھندو آھي ۽ سنڌ ھر دور ۾ اھڙا ھيرا پيدا ڪيا آھن انھن مان استاد بخاري به ھڪ آھي. استاد بخاري دادو ضلعي جي مٽي مان جنم ورتو .استاد بخاري جي ڇٺي جو نالو سيد احمد شاھ ھو،استاد بخاري 16جنوري 1930 عيسوي ۾ دادو کان 11ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ھڪ ننڊڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاھ جي گھر ۾ جنم ورتائون شروعاتي تعليم پاڻ اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي 1967 ۾ سنڌي ماسٽر ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائون استاد بخاري تعليم کاتي ۾ سرڪاري طرح استاد مقرر ٿيا استاد پنھنجي جواني جي عروج وارن ڏھاڙن ۾ ڊگري ڪاليج دادو ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا.جنھن ڪاليج کي پڻ سرڪار پاران سندس ئي نالي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سان منصوب ڪيو آھي.استاد بخاري کي شاعري لکڻ جو شوق 1942 کان شروع ٿيو 1950کان 1951 تائين مٺياڻي ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ تربيت ۾ حصو پڻ ورتو ۽ استاد تعليمي،ادبي پروگرامن ۾ وڌيڪ دلجسپي وٺندو ھو،استاد بخاري جي شاعري پڙھڻ ۽ سمجھڻ ۾ تمام آسان آھي استاد جي شاعري منظور سخيراڻي تمام گھڻي ڳائي ۽ منظور سخيراڻي استاد جي شاعري ڳائڻ کان پوء تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي ، استاد جي شاعري تمام پياري آھي ۽ ھر پروگرام ۾ چئي وڃي ٿي ڪا تقريب ھجي ۽ استاد جي شاعري نه ھجي ائين ٿي نه ٿو سگھي استاد جي شاعري کي ننڊو،وڏو،پڪو،پوڙھو،ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو شوق سان پڙھي ٿو تڏھن ته استاد بخاري سنڌ جو عظيم سدا حيات قومي ۽ عوامي شاعر سڏجي ٿو.ڇو جو استاد بخاري پنھنجي شاعري وسيلي ھر طبقي جي ماڻھن جو مسئلو بيان ڪيو آھي، جنھنڪري استاد بخاري جي مداھن جو وڏو انگ آھي،جيڪو ھر سال استاد جي مزار تي حاضري ڀري سندس ورسي تقريب ۾ شريڪ ٿي عقيدت جو اظھار ڪن ٿا استاد بخاري تحريڪن جو پڻ مشاھدو ڪيو ون يونٽ ۽ ضياء آمر جي دور ۾ به پوئتي نه ھٽيو ۽ پنھنجي شاعري ذريعي عوام جي نمائندگي ڪئي.
ھر ڪوئي مھانگو آء
سستا ئي اسان آھيون
ھر ڪو ٿو لتاڙي ڄڻ رستا ئي
اسان آھيون .
استاد بخاري کي 6 پٽن ۽ 3 ڌئيرن جو اولاد ھو سندس ٻه فرزند سيد قربان شاھ ۽ سيد اعجاز شاھ وفات ڪري ويا آھن ۽ جڏھن ته ڊاڪٽر الطاف شاھ بخاري، انجنئير سرادر شاھ بخاري، ۽ ممتاز شاھ بخاري انجنئير آفتاب شاھ بخاري پڻ انسان دوست ۽ استاد جي شاعري کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ ۾ مصروف آھن
سانگين سان گڏ سالگره ۾
وڇڙي ويس ته ورسي آھيان
استاد بخاري جا ھن وقت تائين مڪمل 25 ڪتاب ڇپجي ويا آھن جنھن ۾ 1971ع ۾ گيت اسان جا جيت اسان جي، 1980ع ۾ گيت گلابي ٻارن جا ،1981ع ۾ ٻارڙا گيت، 1983ع ۾ اوتون جوتون،1986ع ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ،1990ع ۾ سوچون ڀڻڪا واڪا،لھر لھر دريا،1991ع ۾ ڪاري ڪڪري ھيٺ،ڌرتي سرتي،1992ع ۾ زندگي زندگي،1994ع ۾ ميلا ملھالا،ولولو ۽ ووڪ ماندي ٿي نه مارئي،1995ع ۾ لھري لھري ۾ لالاڻ،1996 ع ۾ گلدستي ۾ گيت،1997ع ۾ وطن ۾ ويساھ ،1998ع ۾ ھڙئي ھيج وطن جا،1999ع ڳائي پيو جاڳائي پيو،2000ع تڙ تڙ تيڏيان ڳالھيان ،بخاري جا قطعا،2002ع ۾ گھڙيان سي چڙھيا ،پير نه ھٽن پوئتي ،2004ع ۾ ھي گجرا ھي گولا، 2008ع ۾ ڌوڙ دل تي درد جي ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن، جنھن مان ھڪ ڪتاب سرائيڪي ۾ پڻ آھي.
سونھن تساڏي لھ نه ويسي،
ڇوڙ ته مين ديدار ڪران،
مرڪ تساڏي لڙڪ اساڏي ڇوڙ ته مين گلزار ڪران،
دلڙي ڏيسان درد گھنسان ڇوڙ ته مين واپار ڪران ،
ھاڻ عشق لڳا استاد بخاري ڇوڙ ته مين اظھار ڪران،
ريت تساڏي توبه توبه ،
عشق اسا ڏا زاري زاري،
ڳالھ تسا ڏي ڳوري ڳوري ،
منٿ اساڏي باري باري ،
ريت تساڏي اوکي اوکي ،
پريت اساڏي پياري پياري،
يار کٽيا استاد بخاري ،
راند اساڏي ھاري ھاري،

استاد بخاري جي فرزند ڊاڪٽر الطاف شاھ بخاري جيڪو استاد بخاري اڪيڊمي جو چئيرمين آھي ۽ تمام سادو محبتي پيار امن جو درس ڏيندڙ آھي ڊاڪٽر جو چوڻ آھي ته استاد بخاري جي نالي تي گورنمينٽ پاڻ اڪيڊمي ٺاھي جنھن ۾ استاد جي ھر شي جي سار سنڀال ۽ انٽرنيٽ توڙي لائبريري ھجي جيڪا خاص استاد جي نالي تي ھجي باقي ثقافت کاتي کان گھڻا مايوس ناھيون استاد جي ورسي پنھنجي طريقي سان ملھائيندا آھيون حڪومت طرفان استاد بخاري کي سندس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو آھي استاد بخاري جي وفات 9 آڪٽوبر 1996 ۾ ٿي سندس آخري آرمگاھ دادو ۾َ ڌمالي چونڪ درگاھ سيد واڌن شاھ ۾ آھي جتي اڄ به استاد جا پرستار پھچي دلي سڪون وٺندا آھن .
تون تاريخ ۾ ڳوليندين ته آئون ڪتاب ٿي ملندس،
جي خيالن ۾ ڳوليندين ته آئون خواب ٿي ملندس ،
اي استاد آئون حسن جو شھزادو ته نه آھيان ،
پر تون گلن ۾ ڳوليندين ته آئون گلاب ٿي ملندس.

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ – استاد بخاري
تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ
توبھ توبھ نشو غضب جو آ
چنڊ جو آ رڳو چٽو چهرو
تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ
کنڊ ماکي مٺي سٺي ساٿي
تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ
هجر جو مسئلو قيامت پر
وصل جو مرحلو غضب جو آ
تنهنجي ”استاد“ کي مٺا تنهنجي
شوق شعلو بڇيو غضب جو آ

سنڌ جي سدا حيات، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي جي عوامي شاعر احمد شاھہ المعروف استاد بخاري کي وڇڙي 32 سال گذري ويا، سنڌ جي 32 هين ورسي تقريب اڄ 9 آڪٽوبر تي دادو جي ضلع ڪائونسل پارڪ ۾ استاد بخاري ادبي ڪائونسل پاران ملهائي ويندي، ورسي تقريب ۾ سنڌ جا نالا وارا اديب، شاعرن سميت مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، استاد بخاري جي ورسي ھن دفعي ضلعي انتظاميه طرفان ملھائي پئي وڃي استاد بخاري جي ورسي جي حوالي سان تعليمي ادارن ۾ استاد بخاري جي ورسي جون تقريبون پڻ رکرايون ويون آھن جنھن ۾ شاگردن استاد بخاري کي مختلف طريقن سان پڻ ڀيٽا ڏني آھي استاد بخاري جي مک تقريب جو مھمان خاص سيد ذوالفقار علي شاھ صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت کاتو سنڌ جڏھن ته صدارتي مھمان مھتاب اڪبر راشدي ايم اين اي ۽ اعزازي مھمان ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو، تاج جويو،شوڪت اڄڻ ،ڊاڪٽر شير مھراڻي ،ايم بي لاشاري،ساڀيان سانگي ھوندا ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر الطاف بخاري ،تابش بخاري ، بخاري پڻ خطاب ڪندا تقريب کان اڳ استاد بخاري جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح پڙهي ويندي، راڳ رنگ جي تقريب ۾ سنڌ جا نالي وارا منظور سخيراڻي ، ريشما پروين ،زوار فقير ،سجاد سولنگي ،قادر سنڌي، حبدار سخيراڻي، احسن سخيراڻي ،اسلم راھي،مائي ڀاڳي،، صنم ماروي، جلال چانڊيو، ماسٽر منظور، استاد خادم حسين سخيراڻي، ديبا سحر، ٻالڪ سنڌي سميت ڪيترائي فنڪار استاد بخاري جي شاعري ۾ گيت پڻ پيش ڪندا.

آڪٽوبر 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو