سنڌ ! جتي بدامني جي باهه ٻري ٿي
ظھير تونيو
سنڌ اھا سرزمين آھي جنھن کي بزرگن، عالمن ۽ امن جي ڌرتي چيو ويندو آھي. اڄ سنڌ جي مجموعي صورتحال ڏسي ڪري دل ڌڏي وڃي ٿي ۽ اھو يقين ئي نٿو اچي ته ھي اھو ڏيهھ آھي جتي جا ماڻهو محبتي، پرامن ۽ مهمان نواز طور دنيا ۾ مشهور هئا. ھن ديس کي قدرت واري ڪيئي نعمتوڻ عطا ڪيون، جنهن ۾ درياھ، تيل، سمنڊ، گئس، ڪوئلي جا ذخيرا ۽ ٻيون کوڙ ساريون قدرتي نعمتون شامل آهن.
سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. قتل و غارت، ڌڙا ۽ ڦرون روز جون معمول بڻجي ويون آهن ۽ ھر روز ميڊيا ۾ اهڙا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن. بک، بدحالي، قبيلائي جهيڙا، انتهاپسندي، خودڪشين جو وڌنڌڙ رجحان. معصوم ٻارڙن سان زيادتين جا واقعا، ڌڙايل ڪلچر ۽ ٻيا ڪيترائي واقعا وڌندي نظر اچي رهيا آهن. ڌاڙيل هاڻي صفا بي لغام ٿي، قانوني ۽ اخلاقي هڙئي حدون پار ڪري ويا آهن. جيڪي مغوين تي بدترين تشدد ڪري انهن جون وڊيوز ٺاھي سندن وارثن کي اماڻڻ سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪريون ڇڏين. ديس واسي پنهنجي گهرن ۽ شهرن ۾به غير محفوظ ۽ بي يارو مددگار بڻيل آهن.
جنهن ڪري ڏوهارين جي دل وڌي وڃي ٿي ۽ هو وڌيڪ سفاڪ ۽ وحشي بڻجي وڌيڪ ڏوھه ڪندا رهن ٿا. سنڌ ۾ مسلسل وڌنڌڙ ڌارين جي لوڌ ھجي، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ھجي، ھر سنڌ دشمن پاليسي ۽ فيصلن ۾ ڌرين کان پھريان پھنجن جا پيرا ملن ٿا. ان جي ڪري سنڌ ۾ دردن جو درمان آخر ڪير ٿيندو؟ سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آھي، ان ڌرتي تي ظلم کي بند ڪيو وڃي. ھر نئين ڏينھن ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جو راڄ قائم ٿيل آھي.
ڪجهھ ڏينھن پھريان سکر جي مائڪرو ڪالوني جا رھواسي جي ھڪ ئي ڪٽنب کي ڌڙايل اغوا ڪري ويا. اغوا ٿيل فون ڪري پنھنجي وراثن کي اغوا ٿيڻ جو اطلا ڏنو. پنجن ٻارڙن سميت اغوا ٿي ويل 9 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آھي. ۽ پوءِ ڌاڙيلن وارثن کان اڍائي ڪروڙ روپيا ڀنگ جي گھر ڪئي آھي. سنڌ ۾ ڏينھون ڏينهن ڏوھه وڌي رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ ۾حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهيا آهن.
ڌاڙيل هاڻي صفا بي لغام ٿي، قانوني ۽ اخلاقي هڙئي حدون پار ڪري ويا آهن. جيڪي مغوين تي بدترين تشدد ڪري انهن جون وڊيوز ٺاھي سندن وارثن کي اماڻڻ سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪريون ڇڏين. ديس واسي پنهنجي گهرن ۽ شهرن ۾ به غير محفوظ ۽ بي يارو مددگار بڻيل آهن.
آڪٽوبر 6, 2024