ڪولڪتا مان نڪري بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ مٿن کي ” دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ “ ڏيڻ جو اعلان
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا مٿن چڪرورتي کي فلمي دنيا ۾ 48 سال گذارڻ کانپوءِ ڀارتي سئنما جو سڀ کان وڏو ” داد صاحِب ڦالڪي ايوارڊ “ سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت جي سڌ سماءُ واري وزير ايشوني وشنو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مٿن چڪرورتي کي ” دادا صاحِب ڦالڪي “ ايوارڊ سان نوازڻ جي خبر شيئر ڪئي.
ايشوني چيو ته هوءَ اِهو اعلان ڪندي فخر محسوس ڪري رهي آهي ته ايوارڊ سيلڪشن جيوري فيصلو ڪيو آهي ته ليجنڊ اداڪار مٿن چڪروتي کي ڀارتي سئنما ۾ سندس شاندار خدمتن لاءِ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته مٿن چڪروتي کي اٺ آڪٽوبر تي 70 هين نيشنل فلم ايوارڊز جي تقريب دوران دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.
مٿن چڪروتي جو ردعمل
ٻئي پاسي ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مٿن چڪروتي چيو ته وٽس اهڙا لفظ نه آهن جيڪي بيان ڪري سگهن ته هو ڇا محسوس ڪري رهيو آهي، نه کلي سگهان ٿو نه روئي سگهان ٿو.
هن چيو ته ڪولڪتا جي گهٽين کان ٿيندي بالي ووڊ جو سفر طئي ڪندڙ ڇوڪري ڪڏهن سوچيو به نه هو ته کيس ڀارتي سئنما جي سڀ کان وڏي اعزاز سان نوازيو ويندو، اِهو اعزاز پنهنجي خاندان ۽ مداحن جي ناءُ ڪريان ٿو.
واضح رهي ته مٿن ڀارتي سئنما جي سوين فلمن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا چڪو آهي ۽ اِهو سفر اڃا تائين جاري آهي.
مٿن فلمي سفر 1976 ۾ فلم ” مريگيا “ کان شروع ڪيو جنهن کانپوءِ گذريل 48 ورهين کان مٿن ڪڏهن به پوئتي مُڙي ناهي ڏٺو.
مٿن چڪروتي ڀارتي سئنما کي ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪندڙ ڪيئي فلمون ڏنيون پر سئو ڪروڙ رپين جو بزنس ڪندڙ پهرين هِٽ فلم ڏيڻ جو اعزاز به مٿن چڪرورتي وٽ آهي.
مٿن جي فلم ” ڊسڪو ڊانسر “ ڪيئي نوان رڪارڊ قائم ڪندي سئو ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ پهرين بالي بڻي هئي.