غير معياري سهولتون، ڀارتي ميڊيا بي سي سي آءِ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

Spread the love

ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪانپور ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند به غير معياري سهولتن سبب نه ٿي سگهي.
ڪانپور ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن 33.5 اوورن کانپوءِ برسات سبب راند روڪي وئي هئي جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن به ڪانپور اسٽيڊيم ۾ راند نه ٿي سگهي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪانپور ۾ آچر تي برسات نه هئڻ باوجود به راند ممڪن نه ٿي سگهي، اِهو ٽيسٽ ميچ جو ٽيون ڏينهن هو.
ڀارتي ميڊيا طرفان ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن راند نه ٿيڻ جو ڪارڻ پاڻي جي نيڪال واري سسٽم کي قرار ڏنو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب، گرين پارڪ اسٽيڊيم جي ناقص نيڪال واري سسٽم سبب ٽئين ڏينهن به راند شروع نه ٿيس سگهي، نيڪال واري سسٽم کانسواءِ هڪ اسٽينڊ به زبون حال آهي، جنهن سبب اڌ ٽڪيٽون وڪرو ڪيون ويون.
ميڊيا رپورٽس موجب، ان حوالي سان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر راجيو شُڪلا چيو آهي ته هي 75 سال پراڻو اسٽيڊيم آهي، جيڪو ورثو به آهي ۽ مستقل ٽيسٽ وينيو به آهي، جڏهن اسٽيڊيم تعيمر ٿيو هو تڏهن نيڪال واري سسٽم جو وجود ئي نه هو.
هن چيو ته موسم تي سندس ڪو به ڪنٽرول نه آهي، جيڪڏهن برسات وڌيڪ پوندي ته مڪمل ڊرينج سسٽم وارا اسٽيڊيم به دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندا، اسان کي ڊرينج سسٽم کي بهتر ڪرڻو پوندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ نيوزيلينڊ خلاف ڀارت خراب روشني سبب ٽيسٽ ميچ به نه کٽي سگهيو هو، نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ۾ سموريون لائيٽون فنڪشنل هيون.

سيپٽمبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو