حسن نصر اللھ جي شھادت تي حماس سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون

Spread the love

بيت المقدس ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حزب اللھ جو سربراھھ حسن نصرالله بھ ناجائز توڙي قابض رياست اسرائيل جي حملي ۾شھيد ٿي ويو، جيڪا خبر يقينن امتِ مسلمھ لاءِ وڏي ڏک جي خبر آھي. ان کان اڳ بھ حزب اللھ جي سربراھھ اسماعيل ھنيھ سميت مرڪزي قيادت جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي شھيد ڪيو ويو، حسن نصر اللھ جي شھادت کان پوءِ اسرائيل پاران ايران جي سپريم ڪمانڊر سيد علي خامنھ اي کي پڻ شھيد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ايران جي سپريم ڪمانڊر کي محفوظ ھنڌتي منتقل ڪيو ويو آھي. اھڙي واقعي تي مسلمان رياستن جي حڪمرانن جي رڳو مذمت تي امتِ مسلمھ فڪرمند بڻيل آھي. حسن نصر اللھ جي شھيد ٿيڻ جي دعويٰ تھ اسرائيل پاران بمباري ڪرڻ بعد فوري طور تي ڪئي وئي، پر حزب اللھ لڳاتار 36 ڪلاڪن تائين خاموش رھڻ بعد واقعي جي تصديق ڪئي. فلسطين جي ڌرتي تي صيھونيت وارو عذاب پھرئين مھا ڀاري لڙائي کان شروع ڪيو، ٻي مھا ڀاري لڙائي بعد ناجائز رياست اسرائيل جو وجود 1945ع تي آمريڪا، برطانيا، يورپ ۽ اولھھ وارن ملڪن جي گڏيل طاقت جي ڪري پيو ۽ 1945ع کان وٺي مسلمانن جي قبلھ اول جي پاڪ ڌرتي تي مختلف سازشن تحت وڌيڪ قبضا ڪندي فلسطينين کي پنھنجي ڌرتي تان ڌڪاريو ويندو رھيو، جيتوڻيڪ وچ اوڀر ۾فلسطين جي چوڌاري مسلم رياستون موجود آھن، پر انھن کي فرقي وراڻي صيھونيت واري مڪروھھ سازش تحت ھميشھ ھڪ ٻئي سان ويڙھائيندي پنھنجي ناجائز رياست کي ڊيگھھ ڏني ويندي رھي آھي. اھڙي صورتحال ۾ ھٿين خالي فلسطينين پاران اسرائيلي قبضي ۽ اسرائيلي ظلم خلاف مزاحمت ڪندي شھادتون حاصل ڪيون وينديون رھيون آھن، اھڙو سمورو ظلم ۽ فلسطين جي ڌرتي تي قبضي ۾ اسرائيل جي پوئتان آمريڪا جو مڪروھھ چھرو ئي موجود رھيو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھي ئي مڪروھھ عالمي قوتون اسرائيل جي شڪل ۾ گريٽ اسرائيل قائم ڪرڻ جون خواھشمند آھن. ان ڪري فلسطيني مزاحمتي تحريڪ پنھنجي نسل ۽ ڌرتي جي بقا لاءِ آخري ويڙھھ جو فيصلو ڪيو ويو، جنھن تحت اسرائيل تي 7 آڪٽوبر 2023ع تي حملو ڪري دنيا جو ڌيان ڇڪرايو، جنھن جي نتيجي ۾مظلوم فلسطينين کي لکين جانين ۽ اجڙيل شھرن جا تحفا مليا، پر مسلمان حڪومتون آمريڪا ۽ اسرئيل نواز ھئڻ جو ثبوت ڏيندي قتل عام تي خاموش رھيون، جنھن تي 2.03 بلين مسلمانن جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو، پر مظلوم فلسطينين جي ساٿ ۾ايران پنھنجي اتحادين لبنان جي حزب اللھ، شام، عراق ۽ يمني مجاھدن سميت اڳڀرو رھيو،جنھن جي نتيجي ۾ فلسطين اندر وڪٽري حاصل ڪرڻ بجاءِ ذلت آميز شڪست جي خوف کان ناجائز رياست اسرائيل وڌيڪ جارحيت جون لڪيرون پار ڪندي لبنان تي قبضي جو اعلان ڪيو ۽ بمباري ڪندي ھزارين معصوم شھرين کي شھيد ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن خلاف اسرائيل تي چئني پاسن کان نھ رڳو مزاحمت ڪئي پئي وڃي، پر صيحونيت جي ٿيل ناجائز قبضي جي خاتمي لاءِ تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آھي، جنھن جي ساٿ ۾دنيا جي ٻي سپر پاور روس ۽ مظبوط عسڪري توڙي معاشي سگھھ طور اڀرندڙ طاقت چين سميت ٻيا ملڪ اسرائيل جي جارحيت ۽ مظلوم فلسطينين جي حق ۾ حماس، يمني مجاھدن، حزب اللھ ۽ ٻين مجاھد گروپن کي عسڪري توڙي ٻي ضروري گھربل مدد فراھم ڪري رھيا آھن، ان کان سواءِ دنيا اندر آمريڪا، يورپ ۽ اولھھ جي ھڪ ھٽي، ظلم، ڊالر جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي سگھارو اتحاد “برڪس” جي نالي سان قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي، جنھن کي روڪڻ ۽ اھڙي ھلچل کي ڇٿڻ لاءِ آمريڪا، برطانيا، يورپ ۽ اولھھ وارا ملڪ وچ اوڀر ۾ناجائز رياست اسرائيل ۽ يوڪرين کي مھرن طور استعمال ڪري رھيا آھن. عالمي طور تي پيدا ٿيل غير معمولي ھلچل تحت ظاھر ٿئي پيو تھ دنيا ڪجھھ عرصي بعد ٻن بلاڪن ۾ تقسيم ٿيڻ ۽ ڊالر جي ھڪ ھٽي ختم ٿيڻ سان ئي آمريڪا، يورپ ۽ اولھھ جو زوال شروع ٿيندو، جنھن سان يقينن ناجائز رياست اسرائيل بھ پنھنجو وجود برقرار رکي نھ سگھندو، جنھن لاءِ فلسطين، ايران، لبنان، شام، عراق، روس، چين سميت ٻيون طاقتون زور آزمائي ڪري رھيون آھن، جنھن سان دنيا اندر يقنين آمريڪا، برطانيا، يورپ سميت اولھھ جي ملڪن جي سازشن کان فلسطين، روس ۽ چين بچي سگھندا ۽ پر امن دنيا جو خواب بھ ساڀيان ٿيندو، ان لاءِ وڏي قرباني جي ضرورت آھي. اسان لبنان ۾ ٿيندڙ اسرائيلي حملن وسيلي معصوم شھرين توڙي حماس جي سربراھھ جي شھادت واري ڏک واري گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

سيپٽمبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو