نصير الدين شاهه پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي بابت بيان تي غلطي مڃي ورتي
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي بابت پنهنجي بيان تي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نصير الدين شاهه چيو ته پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائن بابت منهنجو بيان غلط هو.
واضح رهي ته نصير الدين شاهه هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌي ٻولي هاڻ پاڪستان ۾ ناهي ڳالهائي ويندي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
نصير الدين شاهه چيو ته مراٺي ۽ فارسي وچ ۾ تعلق جي بيان کي به غلط سمجهيو ويو، مان چيو هو ته ڪيترائي مراٺي جا لفظ فارسي ٻولي جا آهن، منهنجي نيت مراٺي ٻولي کي گهٽ ڏيکارڻ جي نه هئي.
