ايم آر ڊي تحريڪ ۽ سڪرنڊ جا شھيد
اسحاق سومرو
اڄ کان چارڏھاڪا اڳ ملڪ ۾ جنرل ضياالحق جي آمريت ۽ مارشل لا جي خاتمي لاءِ ملڪ جي تقريبن سمورين سياسي پارٽين جو گڏيل اتحاد جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ ايم آر ڊي ٺاهيو ويو جيڪو جديد پاڪستان جو سڀ کان وڏو جمهوريت جي بحالي لاءِ گڏيل الائنس هو.
ايم آر ڊي تحريڪ جي باقائده شروعات 14 آگسٽ 1983 تي پوري ملڪ ۾ ٿي. پهرين مرحلي ۾ سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهرن جي چوراهن ۽ اهم هنڌن تان گرفتاريون پيش ڪيون، هيءَ تحريڪ ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، ڪوئٽه ۽ پشاور سميت ٻين وڏن شهرن مان شروع ڪئي وئي. سنڌ ۾ انهيءَ تحريڪ جي شروعات انتهائي تيزي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت سان شروع ٿي، سنڌ ۾ ليڊرن جي گرفتارين دوران هزارين ماڻهن جي شرڪت ۽ روزانو مختلف شهرن مان ڪارڪنن جي گرفتارين دوران پڻ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هوندو هو. ڪارڪن نعرا هڻندا جڏهن ظاهر ٿيندا هئا ته ماڻهن جا انبوهه کين گلن جا هار پارائي نعرا هڻندا ۽ ٿاڻن ڏانهن وڌندا هئا ته کين پوليس ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار رستي تان گرفتار ڪري کڻي ويندا هئا.
گرفتاريون پيش ڪندڙن ۾ اڪثريت پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هوندي هئي. جڏهن ته سنڌ ۾ کاٻي ڌر جون جماعتون ۽ رهنما پڻ شامل هوندا هئا. ايم آر ڊي تحريڪ جي ان جيل ڀريو مهم ۾ سنڌ پهرين ڏينهن کان انتهائي سرگرم ۽ اڳيان اڳيان رهي. سنڌ جي هر ضلع هيڊ ڪوارٽر توڙي تعلقي جي شهرن مان چند ڏينهن ۾ ئي هزارين ڪارڪنن گرفتاريون پيش ڪيون. سنڌ جا جيل ۽ ٿاڻا ڀرجي ويا. پوليس ۽ انتظاميه کي کين رات جو جيلن ۾ واڙڻ ڏکيو ٿي پيو، ٿاڻن تي گرفتاريون ڏيندڙن کي رات جو گهر موڪليو ويندو هو ته هو وري صبح جو ٿاڻن تي اچي ويھي رھندا هئا. خبرن جو ذريعو صرف اخبارون هنيون، ميڊيا تي سينسر شپ هئي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ صرف پاڪستان ٽيليويزن هئي جنهن تان صرف سرڪار جو موقف ئي نشر ٿيندو هو. ماڻهو روزانو بي بي سي لنڊن جي خبرن کي ٻڌڻ لاءِ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گڏ ٿيندا هئا. ماڻهو تحريڪ جون درست خبرون صرف بي بي سي ذريعي ٻڌڻ چاهيندا هئا. جيل ڀرپور تحريڪ دوران سنڌ ۾ تمام وڏا وڏا جلوس پڻ ڪڍيا ويا ان دوران پوليس سان جهڙپون، روڊ بلاڪ ڪرڻ، لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ڀڃ ڊاهه روزانو جو معمول هوندو هو. روزانو ڪيترائي شهر بند ٿي ويندا هئا. جتي ڪرفيو جهڙي صورتحال ھوندي هئي. تحريڪ ۾ سياسي ڪارڪنن کانسواءِ صحافي، اديب، شاعر ۽ ساڃهه وند پڻ گرفتار ڪيا ويندا هئا. جن مان ڪيترن ئي صحافين ۽ ليکارين کي فوجي ڪورٽن طرفان سزائون پڻ ڏنيون ويون. منهنجي صحافتي سفر جي شروعات پڻ 1983 ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي رپورٽنگ ڪرڻ سان ٿي.
تحريڪ ۾ آهستي آهستي شدت اچڻ شروع ٿي وئي. گرفتارين جون تعداد وڌي ويو. ڪارڪنن جي گرفتارين جي فهرست ڊگهي ٿيندي وئي. هر ڪارڪن جي خواهش هئي ته هو جلد کان جلد گرفتاري ڏيئي جدوجهد جو حصو ٿي وڃي. ياد رهي ته ايم آر ڊي جي 1983 واري تحريڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اھم اڳواڻن پڻ شروعات ۾ حصو ورتو. سندن گرفتارين ڏيڻ دوران انهن شهرن ۾ پارٽي ڪارڪن توڙي عام شهري هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويندا هئا. ايستائين جو ٿاڻن جو عملو غائب ٿي ويندو هو. کين گرفتار ڪرڻ کان نٽائيندو هو. بعد ۾ پوليس کين رات جو سندن گهرن مان آرام سان وٺي ويندي هئي. تحريڪ دوران ڪيترن ئي پوليس جي سپاهين پنهنجين ڊيوٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن سان خاص طور تي سنڌ ۾ سول نافرماني جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي.
اهڙي صورتحال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ تنھن وقت سنڌ پيپلز پارٽي جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئي جيل مان هڪ خط لکي پارٽي ڪارڪنن کي تحريڪ کي بند ڪرڻ جو سڏ ڏنو پر سندس سڏ کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي. تحريڪ ۾ وڌيڪ سرگرم شهر حيدرآباد، هالا بدين، دادو، نوابشاهه ۽ ڪراچي رهيا. ڪجهھ شهرن ۾ پرتشدد واقعا ٿيا. شروعاتي ڏينهن ۾ موري لڳ جلوس ڪڍندڙن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. ان کانپوءِ خيرپورناٿن شاهه جي وچ شهر ۾ قانون نافذ ڪندڙن، اڌ درجن ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. دادو ۾ روزانو جي جلوسن خاص طور تي عورتن جي جلوسن ۽ احتجاج پڻ تحريڪ کي ملڪي ۽ دنيا سطح تي وڏي پذيرائي ڏياري.
ايم آر ڊي تحريڪ جو سڀ کان وڏو واقعو اڄ کان ايڪيتاليهھ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن يعني 29 سيپٽمبر تي سڪرنڊ شهر لڳ قومي شاهراهه تي ٿيو. جتي پارٽي ڪارڪنن ۽ سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج ٿي رهيو هو ته اتان لنگهندڙ قانون نافذ ڪندڙن طرفان مٿن فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا شهيد ڪيا ويا ۽ 51 ڄڻن کي زخمي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو. جلوس جي قيادت ڪندڙ 70 سالن جي پنهل خان چانڊيو ۽ سندس پٽ غلام عباس چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو. مٿن فوجي ڪورٽ خيرپور ۾ ڪيس هلائي کين سخت سزائون ڏنيون ويون. زخمي ٿيل ڪارڪن ڪيترن ئي مهينن تائين نوابشاهه جي سول اسپتال ۾ داخل هئا جن کي بعد ۾ اتان کڻي جيلن ۾ بند ڪيو ويو.
جنهن ۾ 16 شهيد ٿيندڙن ۾ 9 ڄڻا هاري هئا، ٻه سڪرنڊ هاءِ اسڪول جا شاگرد ڇهين ڪلاس جو غلام مصطفيٰ چانڊيو، ۽ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ علي شير چانڊيو پڻ شامل هئا.، هڪ مڱڻهار فقير هو، جيڪو تر ۾ دهل وڄائي خوشيون ورهائيندو هو. هڪ ڄڻو شهر سڪرنڊ ۾ مزدوري ڪندو هو، هڪ ڄڻو دڪان هلائيندو هو، هڪ کير کپائيندو هو ۽ هڪ ڄڻو ٻڪريون چاريندو هو. هي سڀئي هيٺئين ڪلاس سان واسطو رکندڙ ورڪر هئا. شهيد ٿيندڙن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي. ان ڏينهن سندن اڳواڻي چاچو پنهل خان چانڊيو ۽ سندس نوجوان پٽ غلام عباس چانڊيو ڪري رهيا هئا، جيڪي پڻ ان ڏينهن زخمي ٿيا هئا، انهن کي به ٻين زخمين ۽ لاشن سان گڏ فوجي ٽرڪن ۾ کڻي پهرين نواب شاهه جي فوجي ڪيمپ ۾ پوءِ نوابشاهه جي سول اسپتال ۾ آندو ويو.
جڏهن آئون ۽ منھنجي سڪرنڊ جا ڪجهھ صحافي دوست واقعي واري هنڌ تي پهتا هئاسون ته قومي شاهراهه تي اڃا به شهيدن ۽ زخمين جو رت سڪو نه هو. سندن بوٽ، چپلون ۽ ٻيو سامان وکريو پيو هو. اکين ڏٺل شاهدن ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ هٿين خالي هئا، جيڪي قرآن شريف پڙهي رهيا هئا، جن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي ۽ اُهو ظالماڻو آپريشن 4 ڪلاڪن تائين هلندو رهيو، ڪيترن زخمين مٿان فوجي ٽرڪون گذاري کين ماريو ويو ۽ ڪيترن تڙپي تڙپي ساهه ڏنو.ٻئي ڏينھن صبح جو سڪرنڊ شھر جا سوين ماڻھو ڳوٺ پنھل خان چانڊئي ۾ پھتاسون ت شھيد ٿيلن جا وارث پنھنجي پيارن کي دفنائي رھيا ھئا.
اتي وارثن کانسواءِ موجوه ايم پي اي ۽ پنھل خان چانڊئي جو پٽ غلام قادر چانڊيو موجود ھو جيڪو آيلن کان تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو، سندس خاندان جا ڀاتي جن ۾ سندس والد پنھل خان چانڊيوڀاءَ غلام عباس چانڊيو گرفتار ٿي چڪاھئا.
29 سيپٽمبر 1983 جي انهيءَ واقعي جي خبر بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ پهرين خبر طور نشر ڪئي ۽ ريڊيو پاڪستان اها ساڳي خبر ڏيندي چيو ته اڄ سڪرنڊ لڳ قومي شاهراهه تي قانون نافذ ڪندڙن ۽ شرپسندن وچ ۾ ٿيل فائرنگ ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو.
اڄ انهيءَ تحريڪ کي 40 سالن کان ن وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي. جيڪا گهڻو وقت ۽ سرگرم پوري ملڪ مان سنڌ ۾ وڌيڪ رهي. جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جي شموليت نمايان رهي. ياد رهي ته سنڌ جي قوم پرستن هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏي ان تي ٺٺوليون ڪندا رهيا. سنڌ جي عوام جي انهي تاريخي جدوجهد سموري دنيا ۾ سنڌ جي ماڻهن کي جمهوريت پسند ۽ آمريت مخالفت طور تي سڃاتو ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ خطي ۾ اڄ به جمهوريت پسندن لاءِ اتساھ جو هڪ مثال بڻيل آھي.
سيپٽمبر 29, 2024