عامر لياقت کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پاڻ ڪيس وڙهي رهي آهيان: اڳوڻي گهرواري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ٽي وي اينڪر مرحوم عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشريٰ اقبال چيو آهي ته عامر لياقت کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پاڻ ڪيس وڙهي رهي آهيان.
عامر ليات جي پهرين گهرواري بشريٰ اقبال سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته اڻوڻندڙ وڊيو ليڪ ڪيس ۾ پنهنجي اڳوڻي مڙس کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وڪيل طور ڪيس وڙهي رهي آهيان.
بشريٰ اقبال چيو ته ڪنهن جي عزت کي پائمال ڪري پنهنجي خواهشن جا محل اڏيندڙن جي پڪڙ ضرور ٿيڻ گهرجي، پئسو ئي سڀ ڪجهه نه آهي، پئسو عزت سان ڪمايو وڃي، تعلق ۽ رشتن کي پائمال نه ڪيو وڃي ته ڪو مسئلو کڙو ناهي ٿيندو.
عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جا تفصيل ٻڌائيندي بشريٰ اقبال چيو ته 26 سپٽيمبر تي جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ ڪراچي جي عدالت مرحوم عامر لياقت جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن دانيا ملڪ ۽ ياسر شامي طرفان داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌا.
عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ڏهه آڪٽوبر تي ٻڌائڻ جي تاريخ ڏني آهي، اميد آهي ته درخواست رد ٿيندي ۽ ڪيس جو باظابطا ٽرائل هلايو ويندو ته جيئن جوابدارن تي مڙهيل الزام ثبوتن ۽ شاهدن جي روشني ۾ ثابت ڪري سگهجن ۽ مرحوم عامر لياقت کي انصاف ملي.