لڳي ٿو پاڪستاني ڪرڪيٽرن کير پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي: چاهت فتح علي خان

Spread the love

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پنهنجي گائيڪي جي انوکي انداز سبب سموري دنيا ۾ مقبول سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ڪرڪيٽرز کي ڪارائتا مشورا ڏئي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويو ۾ سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريندي چيو ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾آمريڪا کان هارائي وئي ۽ هاڻي بنگلاديش کان، مون کي لڳي ٿو ڪرڪيٽرن کير پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هو ڪرڪيٽ کيڏندو هو ته ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کير پيئندو هو، جنهن سبب جسم تندرست رهندو هو، قومي ڪرڪيٽرن کي ڌونئرو، ميووا ۽ کير استعمال ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته هر ٽيم مٿان زوال ايندو آهي، هڪ وقت هو جڏهن ڀارتي ٽيم ميچ نه کٽي سگهندي هئي ۽ هاڻي سموري دنيا ۾ بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي.
چاهت فتح علي خان چيو ته پاڪستان ٽيم سان مون کي سمجهه نٿو اچي ڪهڙو مسئلو آهي، رانديگرن ۾ اعتماد جي کوٽ آهي يا ڪو ٻيو سبب ٿي سگهي ٿو.

سيپٽمبر 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو