موبائل فونز تي نوان ٽيڪس لاڳو ٿيندا يا نه؟ فيصلو ٿي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) موبائل فونز جي درآمد تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي ڍانچي تي مڪمل نظرثاني ڪري رهيو آهي، جنهن سبب درآمدي موبائل فونز جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ايف بي آر طرفان موبائل فونز جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي شرح برقرار رکڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سيلز ٽيڪس جي ڍانچي ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس کي نه ڇيڙيو ويندو.

پر پهرين جولاءِ 2023 کان درآمدي موبائل فونز تي ڪسٽمز ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي تجويز آهي.

واضح رهي ته پهرين اپريل 2023 کان موبائل فونز جي درآمد تي 50 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي هئي.

جُون 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو