ٺٽو ۽ مڪلي واسي زميندار بادل چانڊيو ۽ اسماعيل شر پاران احتجاج

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٺٽو ۽ مڪلي جي رھواسي زميندار بادل چانڊيو ۽ اسماعيل شر ڊي سي آفيس ٺٽو اڳيان سخت احتجاج ڪندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ رشوت کانسواء ڪوبہ ڪم نٿو ڪيو وڃي، جيڪا رشوت جو ڳڙھ بڻجي ويئي آھي، ھنن چيو تہ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت واري واقعي ۾ سڙي ويل رڪارڊ جي ويري فڪيشن جا ڊي سي آفيس ۾ 2 لک روپيہ في ايڪڙ جي رشوت طلب ڪئي پئي وڃي،
ھنن چيو تہ اسان پنھنجي زمين حاصل ڪندي 40 سال گذري ويا اھن، جيڪا سندن نالي تي الاٽ ٿيڻ سميت سمورا ڪاغذ سندن ويري فائيو ٿي اچي ويا آھن، پر ان ھوندي بہ ڊي سي آفيس ٺٽو جا ڪلرڪ روزانو آفيس جا چڪر ڪاٽرائي ڳري رشوت جي طلبي پيا ڪن، جيڪا اسانجي وس جي ڳالھ ناھي،
ھنن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن جا کين ڪاغذ ٺاھي ڏيڻ سميت رشوت خور عملي خلاف ڪاروائي ڪري آفيس ايندڙ ماڻھن جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪرڻ جي گھر ڪئي اھي.
سيپٽمبر 26, 2024