ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جي طلاق جا افواهه، اداڪارا جي نئين وڊيو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Spread the love

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن وچ ۾ طلاق جا افواهه ڪيئي مهينن کان گردش ڪري رهيا آهن پر ايشوريا جي نئين وائرل وڊيو بابت سوشل ميڊيا واهپيدارن جي دعويٰ آهي ته هن ان وڊيو ذريعي اڀيشيڪ سان پنهنجي تعلق جي وضاحت پيش ڪئي آهي.
سال ٻه هزار ست ۾ شادي جي ٻنڌڻ ٻڌجندڙ اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ اڄڪلهه ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهن، ڀارتي ميڊيا تي ڊگهي عرصي کي ٻنهي جي عليحدگيءَ جون خبرون پڻ گردش ڪنديون رهيون آهن.
پر هاڻ سوشل ميڊيا ويب سائٽ ريڊٽ تي ويجهڙائي ۾ ايشوريا راءِ جي پئرس فيشن ويڪ جي هڪ وڊيو وائرل سامهون آئي جيڪا تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ ايشوريا راءِ کي پهريان ڪئمرا جي سامهون هٿ ۾ پاتل وي شيپ جي مُنڊي واضح ڪندي ڏيکاريو ويو جنهن بابت مداحن جو خيال آهي ته ايشوريا جي اِها منڊي سندس شادي جي آهي ۽ ڪئمرا آڏو اِها واضح انداز ۾ ڏيکاريندي هن پيغام ڏنو آهي ته اڀيشيڪ ۽ سندس وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
جيتوڻيڪ اڀيشيڪ ۽ ايشوريا طرفان ڪا به واضح تصديق سامهون ناهي آئي پر سوشل ميڊيا واهپيدارن جو خيال آهي ته ايشوريا جي پئرس فيشن ويڪ ۾ شادي جي مُنڊي سان واپسي ان ڳالهه جي تصديق آهي ته جوڙو جو رشتو اڃا تائين قائم آهي.

سيپٽمبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو