پوران بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو

Spread the love

سينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽ نڪولس پوران هڪ سال دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
نڪولس پوران هڪ سال دوران ڏيڍ سئو ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو اڱاري ڏينهن ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي ميچ ۾ سرانجام ڏنو.
نڪولس پوران 2024 ۾ هنيئر تائين 63 ميچن ۾ 151 ڇڪا هڻي چڪو آهي جيڪي دنيا ۾ ڪنهن به بيٽر جا هڪ سال دوران مختصر فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا آهن.
ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي ئي اڳوڻي ڪپتان ڪرس گيل 2015ع ۾ 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 135 ڇڪا هنيا هئا.

سيپٽمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو