رنبير ڪپور جي ” اينيمل“ ۾ پاڪستاني اداڪارا ڪير هئي ۽ ڪهڙو ڪردار نڀايائين؟

Spread the love

گذريل سال رليز ٿيندڙ ڀارتي فلم ” اينيمل “ پاڪستان ۾ به مشهور ٿي ۽ مختلف پهلوئن سبب خبرن ۾ رهي پر تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هدايتڪار سنديپ ريڊي جي فلم ۾ هڪ پاڪستاني اداڪارا به ڪم ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني اداڪارا شفينه شاهه هڪ انٽرويوءَ دوران رنبير ڪپور جي اينيمل فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪارا موجب، ڪردار کان اڳ کيس پهريون بوبي ديول جي ٽِين گهرواري جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي جيڪو بعد ۾ ڀارتي اداڪارا مانسي ٽڪسڪ ادا ڪيو.
فلم ۾ ڪردار حاصل ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ شفينه شاهه چيو ته کيس هڪ ڏينهن پيغام مليو ته جنهن ۾ هڪ ڀارتي فلم جي ڪردار لاءِ آڊيشن جو چيو ويو.
اداڪارا چيو ته جنهن وقت کيس اِهو پيغام مليو، هو گذريل سال پاڪستان جي شهر پشاور ۾ موجود هئي ۽ جوابي پيغام فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي.
سندس چوڻ هو ته آڊيشن جي هڪ هفتي تائين ڪو جواب نه مليو، هڪ ڏينهن اوچتو ٻڌايو ويو ته اوهان کي ڪردار لاءِ فائنل ڪيو ويو آهي.
شفينه موجب، فلم ۾ بوبي ديول جي ڪردار ابرار حق جي ٽِين گهرواري جي ڪردار لاءِ آڊيشن ڏنو جڏهن ته کيس ٻي گهرواري جو ڪردار ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو.
فلم جو هڪ فارسي گيت ” جمال جمالڪ جمالو جمال “ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو، پر گيت جي سيٽ تي هڪ عجيب واقعو پڻ پيش آيو هو.
گيت جي عڪسبندي دوران بوبي ديول جو هڪ سين هو جنهن دوران هو شادي واري ڏينهن مهمانن جي سامهون پنهنجي مخبر جون ٻئي اکيون ڪڍي کيس قتل ڪري ڇڏيندو آهي.
ان سين جي شوٽنگ دوران تمام گهڻي نقلي رت استعمال ڪئي وئي جڏهن اِهو سين فلمايو پيو ويو ته جونيئر ڪاسٽ ۾ موجود هڪ ڇوڪري سيٽ تي بيهوش ٿي وئي هئي.
شفينه شاهه وڌيڪ چيو ته الله جو شڪر آهي هوءَ ٺيڪ آهي پر سيٽ تي موجود ماڻهو اِهو لڪاءُ ڏسي گهٻرائجي ويا هئا.

سيپٽمبر 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو