گهوٽڪي:  مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن جي حلف برداري تقريب منعقد

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ:  محمد امين سومرو ) ميرپور ماٿيلو؛ ضلع ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن جي حلف برداري تقريب، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ميمبرن کي حلف کڻايو.

تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽيز گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي مخصوص سيٽن تي نامزد ٿيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ضلعي ڪائونسل جي 21 عورت ميمبرن سميت ليبر، نوجوانن، اقليت ۽ معذورن جي مخصوص سيٽن تي 11 ميمبرن کي حلف کڻايو

 جڏهن ته ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي 10 ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي 6 مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن سمورن منتخب ميمبرن کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو