جلد عمري تي وڃي رهي آهيان: راکي ساونت

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت چيو آهي ته کيس عمري جي ويزا ملي وئي آهي ۽ هاڻ هوءَ جلد عمري تي ويندي.

ڀارتي سوشل ميڊيا پيجز تان راکي ساونت جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته منهنجي عمري جي ويزا ٿي وئي آهي ۽ مان عمرو ڪرڻ وڃي رهي آهيان.

راکي پنهنجي وڊيو ۾ ٽريول ايجنٽ سلمان کي به ڀاءُ چئي متعارف ڪرايو.

هن چيو ته مون کان ميڊيا سميت دوست پڇي رهيا هئا ته عمرو تي ڪڏهن ٿي وڃين، مان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجو ڪم ٿي ويو آهي.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو