سپريم ڪورٽ جي وضاحت: جمھوري نظام کي مظبوط بڻائڻ گھرجي

Spread the love

ملڪ اندر جمھوري نظام۾آئيني حدن کي لتاڙيندي مختلف سياسي ڌرين پاران جيڪا ڄنڊا پٽ وارو ھلندڙ سلسلو تمام گھڻو پراڻو آھي، جنھن جي تسلسل تحت وقت بوقت پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) سميت مختلف پارٽين خلاف ماحول جوڙيو ويندو رھيو آھي، اھڙي تسلسل تحت  پي ٽي آءِ خلاف بھ ماحول کي گرمايو ويو آھي.  اھڙي صورتحال ۾چونڊ نتيجن تحت آئيني حدن اندر مخصوص سيٽن جي اپٽار ٿيل آھي، ان باوجود حڪومت پاران پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان مختلف قدم کنيا پيا وڃن، جنھن خلاف پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ سان وضاحت ڪرڻ جي حوالي سان رجوع ڪيو ويو، جنھن جي سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ جي معزز ججن جي اڪثريت پاران ٻڌڻي ڪئي وئي ۽ فيصلو ڏيندي وضاحت ڪئي تھ 12ھين  جولاءِ واري فيصلي ۾ڪو به مونجهارو ناهي، اليڪشن ڪميشن اھڙي حڪم کي غير ضروري طور تي ڏکيو بڻايو آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن آئيني ذميواري فوري طور تي پوري ڪري. عدالت وڌيڪ وضاحت ڪئي تھ بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ عمر ايوب کي سيڪريٽري جنرل تسليم ڪيو ويو آهي، حاصل ڪيل سيٽ کي انھيءَ ئي پارٽيءَ پاران حاصل ڪيل سيٽ تصور ڪيو وڃي، ڪو به بعد وارو عمل ان وقت جي لاڳاپيل تاريخن تي ٿيل معاهدي کي تبديل نٿو ڪري سگهي، ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ جا اميدوار ئي هئا، عدالت وڌيڪ وضاحت ڪئي تھ  اليڪشن ڪميشن تسليم ڪري چڪي آهي ته پي ٽي آءِ آئيني طور تي ھڪڙي رجسٽر ٿيل سياسي پارٽي آهي، جڏھن تھ اليڪشن ڪميشن پاران تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو سرٽيفڪيٽ تسليم نه ڪرڻ غلط آهي، ان ڪري سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ سمورا ميمبر تحريڪ انصاف جا ئي تصور ٿيندا، اھڙو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي به لاڳو ٿيندو. معزز عدالت پاران اڃان بھ وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ويو تھ چونڊ نشان کان محرومي سبب ڪنهن بھ سياسي پارٽيءَ جا حق ختم نھ ٿا ٿي سگھن، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي ۽ آھي، پارٽي چيئرمين کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري نٿي سگهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلي تي فوري طور تي عمل  ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اھڙي طرح سان فيصلو سڌو ۽ سادو آھي تھ سمورين جمھوري پارٽين کي پي ٽي آءِ جي حاصل ڪيل مخصوص سيٽن واري عمل کي قبول ڪرڻ گھرجي، ۽ اليڪشن ڪميشن کي آئيني حدن اندر ملڪ جي اعليٰ عدالت پاران ٿيل وضاحت بعد عملدرآمد ڪرڻ گھرجي. ھتي اسان ملڪ جي سمورين جموري پارٽين کي صلاح ڏينداسين تھ جمھوريت مخالف ڌرين جي غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن جو سڌو سنئون اثر وقت بوقت مختلف سياسي پارٽين تي نازل ٿيندو رھيو آھي، ان ڪري وقت جي ضرورت آھي تھ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻائڻ لاءِ سمورا ويڇا وساري آئيني حدن اندر جمھوري نظام کي مظبوط بڻائڻ  لاءِ ھڪ ٻئي جي مينڊئيٽ کي تسليم ڪرڻ گھرجي.

سيپٽمبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو