انگريزن کان آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو ڪردار
علي محمد ميمڻ
خطو ڪڏهن به هندستان جو حصو نه رهيو آهي پر پاڙيسري خطو هئڻ ڪري هندستان جي مغل حڪمرانن، انگريزن ۽ ٻين هندستان جي حملي آورن جي يلغارن جو شڪار ضرور رهيو آهي.اهڙي ريت 14 سيپٽمبر 1857ع انگريزن جي قبضي ۾ موجود سنڌ جي آزادي جي تڙپ ۽ علامت بڻجي اڀريو جڏهن ڪراچي ۾ موجود 21 رجمينٽ جنهن جي اڪثريت مقامي ماڻهن جي هئي ان ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون پر ان رات پوڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ فوجي مخبر جي اطلاع تي انگريزن جي فوج متحرڪ ٿي ويئي ۽ ڪراچي جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري 21 رجمينٽ کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ گهيراءِ ڪيو ويو ۽ کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. واقعي موجب رام دين پانڊي ۽ رجمينٽ جي سپاهين تي الزام هئا ته هو رات جو 2 وڳي کانپوءِ انگريز آفيسرن جي گهرن ۽ آفيسن تي حملا ڪري فوجي ۽ ٻين سول انگريز عملدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻائي چڪا هئا ۽ ان منصوبي تي عملدرآمد کان اڳ صوبيدار رام دين پانڊي ۽ حوالدار سورج بالي تيواڙي جا بمبئي ۽ ٻين ڇانوڻين ۾ فوجين سان ويجها رابطا هئا ۽ ان سان گڏ ڪراچي جي شهرين سان پڻ رابطا هئا.انگريزن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو وقت رات 2 وڳي مقرر ڪيل هو ۽ مقرر وقت تي رجمينٽ کي پيش قدمي ڪرڻ جا صوبيدار رام دين پانڊي طرفان اهڙا حڪم ڏنا ويا هئا جنهن جي پوئيواري ۾ حولدار سورج بالي تيواڙي ۽ ٻيا متحرڪ ٿي چڪا هئا.ان ڪيس جي ملندڙ مختلف حوالن موجب، بغاوت ڪندڙ رجمينيٽ طرفان پنهنجو مقصد ماڻڻ ۽ انگريزن جي قتل عام بعد رام دين پانڊي ۽ انهن جي ساٿين طرفان انگريزن کان آزادي جو اعلان ڪرڻو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ممڪن آهي ته بمبئي ۽ هندستان جي ٻين ڇانوڻين ۽شهرن ۾ پڻ ان جو ردعمل پيدا ٿي پوي ها. پر وقت کان اڳ انگريزن کي مخبر ذريعي اطلاع ٿي وڃڻ ڪري ان منصوبي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ۽ حوالدار سورج بالي تيواڙي جي زور ڀرڻ تي رام دين پانڊي سپاهين جو هڪ تعداد سميت فوجي بيرڪس مان نڪري ويو، بعد ۾ انهن سپاهين مان ٽن کي ميٺادر واري علائقي مان گرفتار ڪري ماريو ويو ۽ سندن جسمن کي سمنڊ ۾لوڙهي ڇڏيوويو. وڌيڪ 15 سپاهين کي 16 مئي 1857ع تي گرفتار ڪيو ويو جن مان يارنهن کي ايمپريس مارڪيٽ واري مقام تي ڦاهيون ڏنيون ويون. رام دين پانڊي کي احمد خان گبول ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هن سميت چئن ڄڻن کي پڻ پريڊ گرائونڊ (ايمپريس مارڪيٽ) تي توپن سان اڏائي ڇڏيو. 21 رجمينٽ جي مقامي سپاهين جي اڪثريت مقامي سپاهين تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻين رياستن ۽ قومن جا سپاهي ۽ آفيسر صوبيدار رام الدين پانڊي، حولدار سوراج بالي تيواڙي ۽ ٻين 41 سپاهين جي ڏنل جانين جي قربانين، شهادتن ۽ جيئري ڦاهين ۽ ڪجهه آفيسرن کي توپن سان اڏائي شهيد ڪرڻ بعد سندن رت سان ريٽل جسمن جي ٽڪرن کي ميڙي پريڊ گرائونڊ ۾ کوٽيل کڏ ۾ اڇلائي دفن ڪري ڇڏيو ويو. ان بعد انگريز سرڪار طرفان 21 رجمينٽ کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ويو . 1857ع واري آزادي جي هن ويڙهه ۽ واقعن کي اڄ 167 سال گذرڻ بعد هي پهريون موقعو آهي ته، سنڌ جي سپوتن خاص طور تي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي طرفان پنهنجي قديم تاريخ ۽ آزادي جي جدوجهد جي هڪ اهم باب کان قوم کي روشناس ڪرائڻ لاءِ اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾”ننڍي کنڊ جي 1857ع واري آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ڪردار تي ڪانفرنس“ رکي ويئي آهي. پر ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي گم ٿيل تاريخ جي ڳولا ڪري تاريخ جي دز هيٺان دٻيل يا گم ٿيل بابن تان ڪڏهن پردو کڄي سگهندو ۽ انهن معاملن تي ڪڏهن قلم ۽ علم کڻي سگهبا انهن لاءِ يقينن وقت جو انتظار رهندو.
سيپٽمبر 15, 2024